اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ج?? اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پاڪ – افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي ج?? اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ٻه طرفي واپار ۾ تازن مهينن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ج?? جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن، وزيراعظم جي خاص مددگار ارباب شهزاد، پاڪستان ۽ افغانستان جي خصوصي ايلچي صادق خان، پرڏيه?? وزارت، واپار، ??يشنل فوڊ سيڪيورٽي، ميري ٽائيم افيئر، ايف بي آر، ڪسٽم ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي ا??لي?? عملدارن شرڪت ڪئي. اسپيڪر تازن مهينن ۾ پاڪ – افغان واپار ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ٻه طرفي واپاري ماپي ۾ وڌيڪ اضافي ج?? لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن.