اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جيلن ۾ بند انڊر ٽرائيل عورت قيدين جي سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت فوري آزادي لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. وزيراعظم عمران خان جي ٽوئيٽ موجب اهو فيصلو ??نس??ني حقن واري وزرات، اٽارني جنرل ۽ بئريسٽر علي ظفر سان ملاقات کانپوءِ ڪي?? ويو، وزيراعظم سپريم ڪورٽ جي حڪم نامي 2020/299 تي فوري عملدرآمد جي ??دا??ت ڪئي ته جيئن انڊر ٽرائيل عورت قيدين ۽ اهڙيون س??ا يافته عورتون جيڪي سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت آزادي لاءِ اهل آهن، کي آزاد ڪري سگهجي.