لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب صوبي ۾ صحت جي شعبي ??ي ترقي جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي و??ير سردار عثمان بوزدار، صحت واري صوبائي و??ير ڊاڪٽر ياسمين راشد، ناڻي واري صوبائي و??ير مخدوم هاشم جوان بخت، اطلاعات واري صوبائي و??ير فياض الحسن چوهاڻ ۽ سينيئر آفيسرن وزيراع??م عمران خان جي لاهور جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اجلاس دوران وزيراع??م عمران خان کي پنجاب ۾ صحت جي شعبي ۾ جاري ۽ نئين تجويز ڪيل صحت جي منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني و??ي. وزيراعظم صحت جي شعبي ۾ جاري منصوبن جي جلد کان جلد معياري پڄاڻي ۽ سمورن دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته صوبي ??ي سمورين اسپتالن ۾ معياري سهولتن جي فراهمي ۽ صفائي سٿرائي جي حوالي سان فوري قدم کنيا وڃن. هن صحت سهولت پروگرام تحت عوام کي انشورنس جي ڪامياب فراهمي تي اطمينان جو اظهار به ڪيو. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ صحت جي شعبي کي فنڊز فراهم نه ڪيا ويا ۽ نظرانداز ڪيو ويو جنهن جو خميازو عام ماڻهو ڀوڳي رهي?? آهي.