اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته صوبن جي حمايت سان نظرثاني ذريعي 18 ترميم بهتر ٿي سگهي ٿي، وسيلن جي حوالي سان اختلاف معمول جو حصو آهن، عمران خان جي ڪرپشن جي خلاف جنگ جاري آهي، پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت اسڪينڊلز جي جاچ عام ڪئي، ڪورونا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ عيدالاضحيٰ تي اجتماعي قرباني جو اهتمام ٿيڻ گهرجي. هڪ نجي ٽي وي کي پنهنجي انٽرويو ۾ صدر چيو ته عيدالفطر ۽ تراويح جي حوالي سان عالم سڳورن ۽ ٻين سمورن حصيدارن جي مشاورت سان ايس او پيز ??ئي ڪيا، ان سلسلي ۾ مذهبي ۽ سياسي اڳواڻن سان به رابطا ڪيا ويا ۽ اتفاق راءِ سان ايس او پيز جوڙيا ويا. بعد ۾ ٻي دنيا به اهي ايس او پيز اختيار ڪيا، ان حوالي سا?? پاڪستان قائداڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر چيو ته ڪورونا کان بچاءُ سان گڏوگڏ ماڻهن جي معاشي ذريعن جو خيال رکڻ جي لاءِ به صحيح فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته گذريل ٻن ??فتن کان ڪ??رونا جي ڪيسن ۾ اضافي جو رجحان رڪجي ويو آهي، الله جو وڏو احسان اهو آهي ته اسان وٽ ايترو وڏو بحران پيدا نه ٿيو، جنهن جا خدشا ظاهر ڪيا پئي ويا. صدر چيو ته عيدالاضحيٰ جي تيارين جي سلسلي ۾ ??رو??ي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ??رو??ت آهي، ڪوشش ڪئي وڃي ته ان صورتحال ۾ اجتماعي قربانين جو اهتمام ڪيو وڃي ۽ رش کا?? پاسو ڪرڻ گهرجي، عيد جي نماز جي لاءِ سماجي فاصلي ۽ ٻين ??رو??ي ايس او پيز جي سختي سان پيروي ڪئي وڃي. مون کي اميد آهي ته عيدالاضحيٰ ۽ محرم الحرام جي موقعي تي خصوصي احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن ته اسان ڪ??رونا کي پکڙجڻ کان روڪڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب ٿي وينداسين.