اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ ??پر??شن سينٽر (اين سي او سي) زور ڏنو آهي ته هڪ موثر ۽ مضبوط عوامي آگاهي مهم ذريعي عوام کي ماسڪ پائڻ جي ترغيب ڏني وڃي، مارڪيٽن، بازارن ۽ رش وارين جاين تي چرپر دوران ماسڪ ڪورون?? وائرس جي عدم ڦهلاءُ جو موثر ذريعو آهي. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ ??اص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ ??پر??شن سينٽرن (اين سي او سي) ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ في 10 لک ماڻهن تي ڪورون?? وائرس جي ٽيسٽنگ صلاحيت، وينٽي ليٽرز جي موجوده انگ، استعمال ۽ ضرورتن، طبي عملي جي صلاحيت وڌائڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.