اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ڀارت ۾ بيهي پاڪستان سان دوستي جو اظهار هڪ وڏي اڳڀرائي آهي، ڀارت ۾ بيهي ٽرمپ جو دهشتگردي جي خلاف اسان جي مثبت ڪردار جو اعترا?? ڪرڻ سان ڀارتي بيانيو دفن ٿي ويو، ٽرمپ جو بيان امن قائم ڪرڻ لاءِ اسان جي ڪوششن جو چٽو ثبوت آه??، مودي خطي ۽ ڀارت ۾ نفرت، تعصب ۽ جنگ جي باهه ڀڙڪائڻ بدران دوستي جي پيغام ۽ ان جي طاقت کي سمجهي.