ڪوئيٽا – 18 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بلوچستان جي اندر خاص طور تي ۽ پوري پاڪستان جي اندر عام طور تي ترقي جا رستا وڏي تيزي سان کلي رهيا آهن، بلوچستان ۾ معدنيات، ماهيگيري ۽ ٻين ش??بن ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، وزيراعظم عمران خان جي گڏيل قومن ۾ موثر خطاب پوري مسلمان امت جي عڪاسي ڪئي. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن پن??نجي ڪوئيٽا جي دوري جي دوران مقامي هوٽل ۾ بلوچستان جي وڏ?? وزير ڄام ڪمال خان، بلوچستان جي گورنر امان الله خان ياسين زئي ۽ صوبائ?? وزيرن سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت پن??نجي ناپاڪ مقصدن جي ڪري ڌٻڻ ۾ ڦاسندو پيو وڃي ۽ ڀارت جي بزدلاڻي حرڪت تي پاڪ فوج ڀرپور جواب ڏنو آهي.