اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برٽش جونيئر اوپن اسڪوائش چيمپيئن شپ کٽڻ تي سهيل عد??ان کي مبارڪباد ڏيندي چ??و آهي ته پوري قوم کي توهان تي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سهيل عد??ان 18 سالن کانپوءِ اسڪوائش جي اهم چيمپيئن شپ پاڪستان جي نالي ڪئي ۽ ملڪ جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو، سهيل عد??ان جي فتح اسڪوائش جي ميدان ۾ پاڪستان جي شاندار ڪاميابين جي ياد تازي ڪري ڇڏي، سهيل عد??ان قوم کي خوشي جو هڪ موقعو فراهم ڪيو آهي. هن چيو ته پوري قوم کي توهان تي فخر آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سهيل عد??ان جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.