اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) چيني تعميرات?? ڪمپني اوورسيز ريريزنٽيٽيو آفيس يونين جي ڊائريڪٽر لي پنگ، خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هن خيبر پختونخوا جي گورنر کي سنڌ ۾ اين 5 تي ٿيندڙ تعميرات?? ڪم جي حوالي سان بريفنگ ڏني. گورنر ڪمپني ج?? ڪم کي ساراهيندي چش??ه ليفٽ ڪ??نال ۾ به ڪمپني کي حصو وٺڻ جي تجويز پيش ڪئي. هن چيو ته چش??ه ليفٽ ڪ??نال صرف خيبر پختونخوا ئي نه پر ملڪ جو اهم ترقياتي منصوبو آهي جنهن ۾ عالمي معيار ج?? ڪمپينن جي شموليت ان منصوبي جي جٽادار ۽ ديرپا نتيجن لاءِ انتهائي ضروري آهي. ملاقات ۾ تعميراتي ماهر مشهور ڪاروباري شخصيت شعيب خان به ان سان گڏ هو. جڏهن ته ان کانسواءِ خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان مسلم ايڊ جي هيڊ آف آپريشن آصف چشتي پُڻ ملاقات ڪئي، مُلاقات ۾ ڪي پي ڪي جي گورنر چيو ته ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪندڙن کي معاشري ۾ قدر جي نگاه سان ڏٺو ويندو آهي. ڪي پي ڪي ۾ ان حوالي سان سماجي فلاحي تنظيمن جي متحرڪ ڪردار جي ضرورت آهي.