اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه ايوان ۾ وزيرن ۽ پارلياماني سيڪريٽرين جي غير حاضري تي وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته ايندڙ هفتي وزير ۽ پارلياماني سيڪريٽريز ايوان ۾ موجود نه ??وندا ته ايوان جي ڪارروائي نه ??لائي ويندي. ڊپٽي اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي اڄ جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر مصطفيٰ شاهه جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. تلاوت ڪلام پاڪ، حديث ۽ قومي تراني کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر سوالن واري وقفي جي شروعات ڪئي، اعتر??ض واري نقطي تي ڳالهائيندي ا??د قيصر چيو ته ڪالهه وانگر اڄ به ايوان ۾ نه ته وزير موجود آهن ۽ نه ئي وفاقي پارلياماني سيڪريٽريز موجود آهن ته ميمبرن جي سوالن جا جواب ڪير ڏيندو جنهن تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اجلاس 15 منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. وقفي کانپوءِ اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته سوالن وارو وقفو ٻيهر شروع ڪيو ويو، پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اين سيد نويد قمر ٻيهر اهو ئي معاملو اٿاريو ته وفاقي وزير ۽ سيڪريٽرين جي غير حاضري ۾ سوالن وارو وقفو ڪيئن هلائي سگهجي ٿو. اعتر??ض واري نقطي تي ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو ته گذريل ٻن ڏين??ن کان وزير ۽ پارلياماني سيڪريٽرين جي غير حاضري جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي، ڊپٽي اسپيڪر رمارڪس ڏنا ته ان صورتحال بابت وزيراعظم کي خط لکي رهيا آهيون، هن ايجنڊا ملتوي ڪندي ايوان جي ڪارروائي اڄ جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.