اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ انتشار ۽ فساد ڦهلائيندڙن جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف موثر ڪارروائي جي لاءِ گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته فسادن جي خاتمي بابت وفاقي فورس جي جوڙجڪ، وفاقي فرانزڪ ليب قائم ڪرڻ، اسلام آباد سيف سٽي منصوبي کي جديد رخن تي قائم ڪ??ڻ ۽ پراسيڪيوشن کي مضبوط ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته 24 نومبر جي چڙهائي کي خيبر??خت??نخواهه سميت سمورن پاڪستانين رد ڪري ڇڏيو آهي. وزير??عظ?? آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ امن امان جي صورتحال تي اعليٰ ??طح?? اجلاس ٿيو. وزير??عظ?? گذريل ڏينهن ۾ اسلام آباد ۾ انتشار ۽ فساد ڦهلائيندڙن جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف موثر ڪارروائي جي لاءِ وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪري ڇڏي. قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر ??عظ?? نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ سيڪيورٽي فورسز جا نمائندا پڻ ان ٽاسڪ فورس ۾ شامل هوندا. ٽاسڪ فورس 24 نومبر تي انتشار ڦهلائڻ ۾ ملوث هٿياربند ماڻهن ۽ پ??تشدد واقعن ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي کي يقيني بڻائيندي ته جيئن انهن کي قانون موجب سزا ڏياري سگهجي. اجلاس ۾ وزير??عظ?? ملڪ ۾ اڳتي ڪنهن به قسم جي انتشار ۽ فساد جي ڪوشش کي روڪڻ جي لاءِ فسادن جي خاتمي واري وفاقي فورس ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، فسادن جي خاتمي واري فورس کي عالمي معيار جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ سامان سان ليس ڪيو ويندو. اجلاس ۾ وفاقي فرانزڪ ليب قائم ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي. وفاقي فرانزڪ ليب ۾ اهڙن واقعن جي جاچ ۽ ثبوت گڏ ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ اسلام آباد سيف سٽي منصوبي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ، وفاقي پراسيڪيوشن سروس کي مضبوط ڪ??ڻ ۽ افرادي قوت وڌائڻ جي حوالي سان پڻ فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان الحمدالله استحڪام طرف گامزن آهي، پاڪستان جي استحڪام ۽ ترقي جي دشمنن جا ڪڌا مقصد ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته خيبر??خت??نخواهه بهادر ۽ غيرتمند عوام جو صوبو آهي، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا انتشاري، پرامن ۽ غيرتمند پشتونن جي نمائندگي نه ٿا ڪن. هن چيو ته 24 نومبر جي لشڪرڪشي کي خيبر??خت??نخواهه سميت سمورن پاڪستانين رد ڪري ڇڏيو، پاڪستان جي تحفظ ۽ ان جي معاشي ۽ قومي سلامتي جي تحفظ جي لاءِ سڀني کي گڏجي اهڙي ڪڌي ڪوششن کي روڪڻو پوندو. اجلاس ۾ نائب وزير??عظ?? ۽ پ??ڏيهي وزير اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصمم نير، وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، احد خان چيما، ??عظ?? نذير تارڙ، عطاءُ الله تارڙ، صلاحڪار راڻا ثناءُ الله خان، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.