اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي و??ير قيصر احمد شيخ سان ڊئنمارڪ جي پرڏيهي و??ير جو پاڪستا?? جي دؤري کان اڳ ڊئنمارڪ جي شپنگ ڪمپني ميرسڪ لائ?? جي سينيئر عملدارن اهم ملاقات ڪئي. وفاقي و??ير ميرسڪ لائ?? جي عملدارن کي چيو ته ملڪ جي سامونڊي شعبي ۾ 2 بلين آمريڪي ڊالر?? جي تاريخي سيڙپڪاري اچڻ وڏي ڪاميابي آهي. وفاقي و??ير پاڪستان حڪومت تي ان اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي ڊئنمارڪ جي حڪومت ۽ ميرسڪ لائن جو ٿورو مڃيو. ميرسڪ لائن ڪمپني جي عملدارن سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ پاڪستان حڪومت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته معاهدي کان اڳ اسان مطمئن آهيون. وفاقي و??ير قيصر احمد شيخ ميرسڪ عملدارن کي ا?? جي آپريشنز کي آسان بنائڻ ۽ پيش ايندڙ ڪنهن به چئلينج کي مُنهن ڏيڻ ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. وفاقي و??ير چيو ته اسان ميرسڪ لائن سان ڪم ڪرڻ ۽ ا?? جي سيڙپڪاريءَ لاءِ هڪ هموار ۽ مؤثر عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ ??ور??ءَ طرح تيار آهيون. هن وڌيڪ چيو ته حصيداري جي شرطن ۽ ضابطن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي ۽ اڄ جي ملاقات ٻنهي ڌُرين وچ ۾ هڪ باضابطه معاهدي کان اڳ هڪ واضح مفاهمت قائم ڪرڻ ۾ سازگار ماحول ثابت ٿي. وفاقي و??ير ان اميد جو اظهار ڪيو ته هي تعاون پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جي راهه هموار ڪندو ۽ پاڪستا?? جي سامونڊي انفراسٽرڪچر جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪندو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي وفاقي و??ير قيصر احمد شيخ ان ڳالهه جو عزم ورجايو ته پاڪستان حڪومت سيڙپڪاري جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ سمورن مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ميرسڪ لائن سان ا?? جي حصيداريءَ سان ??ور??س جي ترقي، روزگار جي موقعن ۽ مجموعي اقتصادي ترقيءَ جا بيشمار موقعا پيدا ٿيڻ جي اميد آهي جنهن سان عالمي شپنگ انڊسٽريءَ ۾ پاڪستا?? جي پوزيشن وڌيڪ مستحڪم ٿيندي.