اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان پاڪستان ۾ الجيريا جي سفير ابراهيم روماني ملاقات ڪئي. هتي جاري بيان موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن، ا??ٽا??ٽ اپس، سائبر سيڪيورٽيءَ جي ميدان ۾ ناتن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان الجيريا سان ناتن کي و??ي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان، الجيريا جي آءِ ٽي، ٽيليڪام سيڪ??ر ۾ ناتا تمام اهم آهن، الجريا، پاڪستان جي ٽيڪ جي ميدان ۾ تجربن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. شزه فاطمه چيو ته پاڪستان، الجيريا وچ ۾ اسٽوڊنٽس، ا??ٽا??ٽ اپس، انٽر پرينيوئر جي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي. پاڪستان، الجيريا جي نوجوانن لاءِ آءِ ٽي ٽريننگ پروگرامز جو بندوبست ڪري سگهي ٿو. شزه فاطمه چيو ته آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام جي حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو هئڻ تمام ضروري آهي. چاهيون ٿا ته پاڪستان، الجيريا جي ٽيڪ ڪمپنين، ا??ٽا??ٽ اپس جو گڏيل سيمينار جلد منعقد ٿئي. الجيريا جي سفير چيو ته سندس ملڪ پاڪستان سان آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام سيڪ??ر ۾ ناتن ۾ واڌ جو خواهشمند آهي. پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام سيڪ??ر ۾ ترقي تعريف جوڳي آهي.