اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪرڻ جي قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري و??تي. قو??ي اسيمبلي ۾ اطلاعات، نشريات، قو??ي و??ثي ۽ ثقافت واري وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪئي و??ي آهي. قرارداد ۾ چي?? ويو آهي ته هي ايوان صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير محمد اسحاق ڊار، قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر سميت اڳوڻن اسپيڪرن جن علائقائي تعاون جي فروغ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. هي ايوان ايس سي او جي هدفن ۽ مقصدنکي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت پاران مڪمل حمايت جي عزم جي اظهار کي ساراهي ٿو. قرارداد ۾ چي?? ويو آهي ته هي ايوان سمجهي ٿو ته 27 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جهڙو ڪو وڏو ايونٽ ڪاميابي سان منعقد ٿيو، شنگهائي تعاون تنظيم سربراهه اجلاس جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ اهم سنگ ميل آهي، هي ايوان حڪومت کي سفارتي محاذ تي ملندڙ ڪاميابين تي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. قرارداد ۾ وڌيڪ چي?? ويو ته هي ايوان سمجهي ٿو ته ايس سي او سربراهه اجلاس سان پاڪستان جو مثبت تشخص اڀريو آهي. ايس سي او سربراهه اجلاس جي ڪامياب انعقاد سان پاڪستان کي علائقائي و??پار ۾ مدد ۽ امن ۽ ا??تح??ام کي فروغ ملندو. هي ايوان شنگهائي تعاون تنظيم جي خطي ۾ سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ سل??مت?? جي مسئلن تي اهم ڪردار کي تسليم ڪري ٿو. هي ايوان سمجهي ٿو ته پاڪستان خطي جو اهم ۽ متحرڪ ملڪ آهي، خطي جي اهم علائقائي ۽ سل??مت?? جي مسئلن تي ايس سي او ڪانفرنس ۾ پاڪستان جو مضبوط موقف پاڪستاني قو?? جي ترجماني آهي. قرارداد ۾ چي?? ويو ته هي ايوان پاڪستان حڪومت، پرڏيهي و??ارت، اطلاعات واري و??ارت، گهرو وزارت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بشمول پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج جي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سمٽ جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ اهم ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. قرارداد ۾ چي?? ويو ته هي ايوان ايس سي او ڪانفرنس جي موقعي تي وفاقي گادي و??ري شهر کي خوبصورتي سان سجائڻ، مهمانن جي آجيان ڪرڻ ۽ پاڪستان جي وقار کي بلند ڪرڻ جي لاءِ سمورن حڪومتي ادارن جي خدمتن کي ساراهي ٿو. هي ايوان ايس سي او سمٽ ۾ مهمانن جي پاڪستان اچڻ کان وٺي انهن جي رخصتي تائين جن ادارن ۽ آفيشلز پنهنجا فرض سرانجام ڏنا، انهن سڀني کي پوري قو?? پاران خراج تحسين پيش ڪري ٿو. بعد ۾ قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن جي ايوان متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي.