اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان لبنان ۾ تازن حملن جي ڏس ۾ پاڪستاني شهرين کي سختي سان مشورو ڏنو آهي ته اهي اڳئين اطلاع تائين لبنان جو سف?? نه ڪن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته لبنان ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪمرشل اڏامن جي ذريعي ٻ??هر جو سفر ڪن جيڪي اڃا به دستياب آهن. ترجمان چيو ته جيڪي ماڻهو ڪجهه مخصوص سببن جي ڪري لبنان نه ٿا ??ڏي سگهن اهي انتهائي احتياط ڪن ۽ محفوظ علائقن ۾ رهن. سفارتخاني سان رابطي جي لاءِ موبائيل / واٽس ايپ جا نمبر + 961 – 81669488 ۽ + 961 – 81815104 جڏهن ته اي ميل ايڊريس [email protected] آهي.