نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم جو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب اهم هوندو، آءِ ايم ايف معاهدي سان ملڪي معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي، مهانگائي جو هڪ انگ تي اچڻ تمام وڏي ڪاميابي آهي، ميڪرو اڪنامڪ انڊيڪيٽرز بهتر ٿي رهيا آهن، وزيراعظم جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ فلسطين ??يشو سميت اسلامو فوبيا تي پڻ ڳالهه ٿيندي، فلسطين ڪاز جي لاءِ هر جڳهه تي آواز اٿارينداسين، قائداعظم فلسطين ??ي لاءِ جنهن عزم جو ورجاءُ ڪيو هو، اڄ به ان تي قائم آهيون، ان پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، افغانستان سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، ڪنهن ملڪ جي سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪنهن هڪ سان اسان جو تعلق ڪنهن ٻئي ملڪ جي قيمت تي نه آهي، دوست ملڪن سان اسان جا منفرد لاڳاپا آهن جيڪي اهميت رکندڙ آهن. هن ??يو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم سان ٻين ملڪن جي سربراهن جون ملاقاتون ٿيون انهن ۾ وڏي گرمجوشي ڏسڻ ۾ آئي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان وزيراعظم جي ملاقات ٿي جنهن ۾ ترڪيه جي صدر پاڪستان جي معاشي بحالي کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان جا ميڪرو اقتصادي انگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته مهانگائي هڪ انگ تي آئي آهي، گذريل سال مهانگائي جي شرح 30 سيڪڙو هئي جيڪا هن سال گهٽ ٿي 9.6 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، اها تمام وڏي ڪاميابي آهي، روانگي واپار ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، آءِ ٽي ايڪسپورٽس 3.1 ارب ڊالر تي پهچي وئي آهي، اوورسيز پاڪستانين پاران رڪارڊ پرڏيهي ناڻو موڪليو پيو وڃي، پاليسي ريٽ گهٽ ٿيو آهي، موڊيز ۽ فچ پاڪستان جي ريٽنگز کي اپ گريڊ ڪيو آهي، انهن سمورن ميڪرو اڪنامڪس انڊيڪيٽرز جي مثبت ٿيڻ سان ثابت ٿئي ٿو ته اسان جي معيشت اڳتي وڌي رهي آهي. هن ??يو ته جڏهن اسان کي معيشت ملي ته ڊيفالٽ جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون، جيڪي ماڻهو پاڪستان جا خيرخواهه نه آهن اهي دعا ڪري رهيا هئا ته پاڪستان ڊيفالٽ ٿي وڃي. هن ??يو ته جڏهن ??يفالٽ ٿئي ٿو ته بئنڪن جي ٻاهران ماڻهن جون پئسا ڪڍرائڻ جي لاءِ قطارون لڳل هونديون آهن، عالمي اڏامون ملڪ ۾ اچڻ بند ٿي وينديون آهن. هن ??يو ته هڪ سياسي پارٽي معيشت کي ڊيفالٽ ڪرڻ چاهيندي هئي، ان آءِ ايم ايف کي خط لکيو، اهي ڳالهيون هلي رهيون هيون ته پاڪستان ڊيفالٽ ڪري ويندو. هن ??يو ته ملڪ کي ڊيفالٽ کان واپس آندو ويو، ان ڏس ۾ پيرس ۾ ٿيندڙ اجلاس اهم ثابت ٿيو، آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ٿيا جنهن ??انپوءِ اسان جي معيشت صحيح رخ ۾ هلڻ شروع ٿي. هن ??يو ته پاڪستان ۾ برآمد ڪندڙن کي تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش هيون، ايل سيز بند هيون، ايڪسپورٽرز ڪنفيوزن جو شڪار هئا ته اهي ڪهڙي ريٽ تي ايڪسپورٽ ڪري رهيا آهن، آءِ ايم ايف معاهدي کانپوءِ استحڪام آيو، ڊالرز جي اسمگلنگ کي روڪيو ويو، عبوري حڪومت به ڊالر جي اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ ??دم کنيا جنهن جي ڪري ايڪسچينج ريٽ ڪنٽرول ۾ آيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ فارن ايڪسچينج ريگيوليشن محمد نواز شريف جي دور ۾ آئي هئي، ان کان اڳ ڊالر ايڪسچينج ئي نه ڪري سگهبو هو. هن ??يو ته ڊيفالٽ جي ويجهو کان واپس اچي اڄ اسان ان مقام تي پهتا آهيون ته اسان جا سمورا معاشي انگ اکر مثبت آهن، بلوم برگ پڻ پاڪستاني اقتصادي انگن اکرن کي مثبت قرار ڏنو آهي، بلوم برگ جي سروي آهي ته پاڪستان جي اسٽاڪ ايڪسچينج ايشيا جي اڀرندڙ مارڪيٽس مان آهي ۽ روزانو نوان رڪارڊ قائم ڪري رهي آهي. هن ??يو ته سمورا معاشي انگ اکر اهو ثابت ڪن ٿا ته اسان جي معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته ترڪ صدر پاران پاڪستان جي معاشي استحڪام کي ساراهڻ پاڪستان جي حڪومت ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي لاءِ تمام وڏو سرٽيفڪيٽ آهي، دنيا پاڪستان جي معاشي بحالي جو نه رڳو ادراڪ ڪري رهي آهي پر ان کي ساراهيو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته مالديپ جي صدر ۽ بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر سان پڻ وزيراعظم جي گرمجوشي سان ملاقات ٿي. بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس سان ملاقات ۾ بنگلاديش ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. خطي جي اندر اهو به تمام وڏو پاليسي شفٽ آهي، پاڪستان نئون اتحاد قائم ڪرڻ وڃي رهيو آهي. هن ??يو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي بهتر ٿي رهي آهي، پاڪستان جي موجوده قيادت تي دنيا جو اعتماد وڌيو آهي. وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ورلڊ بئنڪ جي صدر سان وزيراعظم جون ملاقاتون ڪارائتيون رهيون، ورلڊ بئنڪ جي صدر سان موسمياتي تبديلي، زراعت، آءِ ٽي جي شعبن ۾ تعاون تي ڳالهه ٿي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هر فورم تي موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي اجاگر ڪيو آهي. ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر موسمياتي تبديلين ??و خميازو 80 کان 90 سيڪڙو پاڪستان کي ڀوڳڻو پوي ٿو، 2022ع جي ٻوڏ ۾ پاڪستان بري طرح متاثر ٿيو، اسان وٽ وسيلا گهٽ آهن. جن ملڪن جو ڪاربن اخراج ۾ حصو وڌيڪ آهي، انهن وٽ وسيلا به وڌيڪ آهن، ان شيءَ کي اجاگر ڪيو ويو ته موسمياتي تبديلين کي منهن ??يڻ رڳو اسان جي ذميواري نه آهي، دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي به ذميواري آهي ته اهي ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي جي خلاف اسان 80 هزار جانين ??ي قرباني ڏني، اربين ڊالر جو مالي نقصان ٿيو. موسمياتي تبديلين ??ي جڏهن اسان ڳالهه ڪريون ٿا ته اسان چئون ٿا ته اسان کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو ڇو ته 30 ارب ڊالر جو ڪاٿو اسان وٽ موجود آهي پر اهو ڪاٿو نٿو لڳائي سگهجي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان کي ڪيترو مالي نقصان ٿيو. هن ??يو ته 2013ع کان 2017ع تائين نيشنل ايڪشن پلان تحت دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي ترتيبوار گهٽ ڪيو ويو، نيشنل ايڪشن پلان تحت نفرت انگيز مواد، وال چاڪنگ تي پابندي هنئي وئي ان کانپوءِ هڪ اهڙي حڪومت آئي جنهن طالبان کي واپس آندو، اڄ ڏکڻ خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جي لهر ۾ اضافو ٿيو آهي، اسان جا جوان شهيد ٿي رهيا آهن. هن ??يو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان نه رڳو جانين ??ا نذرانا پيش ڪيا پر ان جو اسان کي وڏو مالي نقصان پهتو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ان مسئلي کي بهتر طريقي سان اجاگر ڪيو آهي. هن ??يو ته غزه جي مسئلي تي به وزيراعظم محمد شهباز شريف هر فورم تي ڳالهه ڪئي آهي، پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ پڻ پنهنجو موقف ڏنو ته اسرائيل فلسطينين ??ي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، اسرائيل جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ڪيو آهي ۽ ان کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي. هن ??يو ته پاڪستان انصاف جي عالمي عدالت ۾ پڻ پنهنجو موقف پيش ڪيو آهي. هن ??يو ته پاڪستان فلسطين ??ي اهڙن شاگردن جيڪي جنگ جي ڪري پنهنجي تعليم نه رکي سگهيا، کي تعليم مڪمل ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي جنهن جو اعتراف اڄ محمود عباس پڻ ڪيو آهي. هن ??يو ته پاڪستان مان 6 سي 130 جهازن سميت ڪيترائي سامونڊي جهاز امدادي سامان کڻي فلسطين موڪليا ويا. هن ??يو ته غزه، خان يونس، رفح ۾ اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ تي پاڪستان کي شديد ڳڻتي آهي، ان تي آواز اٿاريندا رهنداسين. هن ??يو ته اسان سدائين چوندا رهيا آهيون ته جنگبندي کانسواءِ امن قائم نه ٿو ٿي سگهي. هن ??يو ته ڪالهه غيرملڪي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جنگبندي جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم پرزور لفظن ۾ لبنان تي حملي جي مذمت ڪئي. هن ??يو ته فلسطين ??و مسئلو اسان جي ويجهو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. پاڪستان جو واحد پاسپورٽ آهي جنهن تي لکيل هوندو آهي ته اسرائيل کانسواءِ اهو دنيا جي سمورن ملڪن ۾ ڪارآمد آهي. اها فلسطيني عوام سان اسان جي يڪجهتي آهي. قائداعظم محمد علي جناح فلسطين ??ي عوام جي لاءِ جنهن عزم جو ورجاءُ ڪيو هو، اسان اڄ به ان تي قائم آهيون، ان پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي. هن ??يو ته جن شين ??ي اسان جو فوڪس آهي اسان کي اميد آهي ته دنيا ان تي وڌيڪ ڌيان ڏيندي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اسان جي معيشت بحال ٿي آهي، اسان سٺي واڌويجهه حاصل ڪري مهانگائي کي وڌيڪ گهٽ ڪنداسين، روانگي واپار کي وڌيڪ وڌائي پنهنجو واپاري خسارو گهٽ ڪري اسان ايندڙ ڏينهن ۾ اڀرندڙ معيشتن ۾ شامل ٿينداسين. هن ??يو ته جڏهن ته 2017ع ۾ محمد نواز شريف حڪومت ڇڏي ته ان وقت اسان دنيا جي 26 ٽاپ معيشتن ۾ شامل هئاسين، اسان چوندا هئاسين ??ه اسان جي – 20 جي تمام ويجهو آهيون. هن ??يو ته اڄ اسان جا سياسي مخالف به ان ڳالهه کي تسليم ڪري رهيا آهن ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال معيشت بهتر آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو جنرل اسيمبلي کي تاريخي خطاب هوندو، اهو تمام گهڻي اهميت رکندڙ موڙ آهي، وزيراعظم مسلمان امت ۽ اسلامو فوبيا تي پڻ ڳالهه ڪندو. هن ??يو ته وزيراعظم جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب تي پوري قوم کي فخر هوندو. هن ??يو ته افغانستان ڀائر ملڪ آهي، اسان افغان پناهگيرن کي ڪيترائي سال سنڀاليو، اسان افغانستان سان امن چاهيون ٿا، ٽي ٽي پي يا ڪو دهشتگرد افغانستان مان آپريٽ ڪندو ته ان تي آواز اٿارينداسين. صحافين ??ي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر محمد يونس پاڪستان کان اڻ واقف نه آهي، ڊاڪٽر يونس وڏو ذهين ۽ دورانديش انسان آهي، پاڪستان جي خوشحال بئنڪ جو سنگ بنياد ڊاڪٽر يونس کان متاثر ٿي رکيو ويو، پاڪستان ۾ ان جي سڃاڻپ به آهي ۽ پاڪستان جا ماڻهو کيس چڱي ريت ڄاڻين ٿا، ان جا ڪيترائي پراجيڪٽس پاڪستان ۾ ڪاميابي سان هلي رهيا آهن. اخوت جو ماڊل به ڊاڪٽر يونس کان متاثر ٿي شروع ڪيو ويو. هن ??يو ته ڊاڪٽر يونس جي اچڻ سان پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ لاڳاپن جي نئين ??ور جي شروعات ٿي آهي، بنگلاديش ۽ پاڪستان جي عوام لاڳاپن جي بحالي جو جشن ملهائي رهيا آهن، وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر محمد يونس کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. هن ??يو ته ايران سان به پاڪستان جي لاڳاپن ۾ بهتري آئي آهي. ايران جي مرحوم صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي جن جذبن جو اظهار ڪيو ويو، اهي ساراهه جوڳا آهن. هن ??يو ته پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ وچ ايشيائي رياستن تائين پهچ فراهم ڪري ٿي، دنيا جي اندر پاڪستان جو هڪ ڪردار آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ڍاڪا ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي ورسيءَ جي موقعي تي سيمينار منعقد ڪرڻ تي خوشي ٿي، بنگلاديش ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ رابطا بحال ٿيا آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام سٺا لاڳاپا چاهي ٿي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ اضافو ٿيو آهي. آستانه ۾ پاڪستان، آذربائيجان ۽ ترڪيه جي ٽه رخي ڊائيلاگ ۾ تعاون کي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. هن ??يو ته ڪشمير ڪاز جي حوالي سان ترڪيه جي صدر ٽه رخي ڳالهه ٻولهه ۾ ڪشمير جو ذڪر ڪيو ۽ ان تي پاڪستان جي مڪمل حمايت ڪئي. هڪ ٻئي سوال تي هن ??يو ته اووسيز پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، اهي اسان جي مٿي جا موڙ آهن، اوورسيز پاڪستاني ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. معيشت جي بهتري ۾ انهن جو اهم ڪردار آهي. انهن جي تجويزن جو احترام ڪريون ٿا. هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته انتشار پکيڙڻ هڪ سياسي پارٽي جو مشغلو بڻجي ويو آهي، مسلم ليگ (ن) نفرت ۽ انتشار جي سياست تي يقين نه ٿي رکي. هڪ ٻئي سوال تي هن ??يو ته وفاق ۽ پنجاب جي حڪومتن بجلي تي سبسڊي ڏني، وفاق 1 کان 200 يونٽ تائين ??ي بجلي صارفين کي 50 ارب رپين ??ي سبسڊي ڏني، پنجاب حڪومت 201 کان 500 يونٽ تائين ??جلي استعمال ڪندڙ صارفين ??ي لاءِ 45 ارب رپين ??ي سبسڊي ڏني. بجلي جا بل گرمي جي موسم ۾ وڌيڪ اچن ٿا، اها سبسڊي گرمي جي موسم ۾ ڏني وئي. هن ??يو ته گذريل سال ا ٽو 160 رپيا في ڪلو هو ۽ هاڻي 80 رپيا في ڪلو آهي، گذريل سان پيٽرول 320 رپيا في ليٽر هو اڄ 249 رپيا في ليٽر آهي. اهي فرضي ڳالهيون نه آهن ته مهانگائي سنگل ڊيجٽ تي اچي وئي آهي، کاڌي پيتي جي شين ??ون قيمتون گهٽ ٿيون آهن ۽ عوام کي ريليف ملي رهيو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن ??يو ته ڪنهن هڪ ملڪ سان اسان جا لاڳاپا ڪنهن ٻئي ملڪ جي قيمت تي نٿا ٿي سگهن، پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپا بهترن آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ايف بي آر ۾ ڊيجيٽائيزيشن ۽ سڌارا ڪيا پيا وڃن، ملينڊا گيٽس فائونڊيشن ايف بي آر جي ڊيجيٽلائزيشن جي لاءِ فنڊنگ فراهم ڪري رهي آهي، ان تي پاڪستان جي حڪومت جو هڪ رپيو به خرچ نه ٿي رهيو آهي. مڪينزي ڪارپوريشن ان ڪم کي سرانجام ڏئي رهي آهي. هن ??يو ته اها ڳالهه صحيح آهي ته اوڳاڙين ??و سڀ کان وڏو حصو ڪراچي مان اچي ٿو، ڪراچي مان سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس جي ادائيگي ٿئي ٿي. ڪراچي سان انصاف ڪرڻ ضروري آهي. هن ??يو ته ڪراچي بندرگاهه سميت ٻين معاملن کي بهتر ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي، ڪراچي جي صنعت ۽ ڪاروبار اسان جي اولين ??رجيحن ۾ شامل آهي. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه قابل ۽ تجربيڪار شخصيت آهي. ان سان به اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي. ڪراچي کي ان جي اهميت ملڻ گهرجي. هن ??يو ته پي آءِ اي سميت رياست جي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي، ان تي اسان تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهيون. ڊائونگ سائيزنگ ۽ رائيٽ سائيزنگ ڪئي پئي وڃي. پي ڊبليو ڊي کي ڪرپشن جي ڪري بند ڪيو ويو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته 2013ع ۾ مسلم ليگ (ن) هنگامي بنيادن تي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي. هن ??يو ته ماضي ۾ 18، 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ هئي، انڊسٽري بند ٿيڻ سان 500 ارب رپين ??و ساليانو معاشي نقصان ٿي رهيو هو، ان وقت لوڊشيدنگ ختم ڪرڻ جي لاءِ پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر کي ترغيب ڏني وئي. وفاق ۽ پنجاب حڪومتن بجلي جا سستا ترين پراجيڪٽ هنيا. هن ??يو ته آءِ پي پيز جي معاهدن تي نظرثاني جي لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي آهي، اها ٽاسڪ فورس پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي. هن ??يو ته گوگل پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري ۾ اضافي جي خاطري ڪرائي آهي. گوگل پاڪستان ۾ ڪروم بڪ بڻائڻ جو نظام لڳائي رهيو آهي. هن ??يو ته پاڪستان ۾ سمارٽ فونز فار آل منصوبو به غور هيٺ آهي. هن ??يو ته ٻه مهينا اڳ چين ??ي دوري دوران هواوي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جو چيو. هواوي پاڪستان ۾ هر سال 3 لک شاگردن کي آءِ ٽي ۾ مفت تربيت فراهم ڪندو. هن ??يو ته هواوي پاڪستان ۾ گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ اسلام آباد ۾ سمارٽ سٽي پراجيڪٽ پڻ شروع ڪندو. هن ??يو ته بل گيٽس سان ملاقات ۾ پاڪستان ۾ آءِ ٽي شعبي جي بهتري جي لاءِ قدمن تي ڳالهه ٿي. هڪ ٻئي سوال تي هن ??يو ته مسلم ليگ (ن) جو نعرو سياست نه آهي، رياست آهي، رياست کي بچائڻ ضروري هو. هن ??يو ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين ??مريڪي سازش کان ويندي محسن نقوي تائين پنهنجي حڪومت ڪيرائڻ جا الزام هنيا. هن ??يو ته ڪو شخص اهو ٻڌائي ته آمريڪا ڪهڙي ڊيمانڊ ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ ايبسليوٽلي ناٽ چيو ويو؟ هن ??يو ته احتجاج ڪرڻ هر هڪ جو حق آهي، مهذب طريقي سان احتجاج ڪرڻ تي ڪا پابندي نه آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته افغانستان سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، ڪنهن ملڪ جي سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته مخصوص سيٽن جي معاملي ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي جي نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ سياسي پارٽي ٻڌڻي جو حصو ئي نه هئي ۽ ان کي ريليف ڏنو ويو. هن ??يو ته ڪنهن آزاد اميدوار وٽ ٽي ڏينهن هوندا آهن جنهن دوران هو ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري سگهي ٿو، تحريڪ انصاف سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي، انهن حلف ناما جمع ڪرايا آهن. هن ??يو ته آئين ۾ ترميم جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي، آئيني عدالتون پوري دنيا ۾ موجود آهن، آئيني عدالت آئين ??ان لاڳاپيل ڪيسن کي ڊيل ڪري ٿي. آئين کي وري لکڻ جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته سفارتخانن ۽ قونصلخانن کي پاڪستاني برادري جي مسئلن جي حل جي لاءِ هدايتون ڏنيون ويون آهن. هڪ ٻئي سوال تي هن ??يو ته وزيراعظم جي هدايت آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي لاءِ نيلامي کي سڌو سنئُون نشر ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، محترمه بينظير ڀٽو کي دهشتگردن جي هٿان شهيد ڪيو ويو، خيبرپختونخواهه ۾ اسان جي اڳواڻ امير مقام تي 8 قاتلاڻا حملا ٿيا، اسان پوري ملڪ ۾ آپريشن ردالفساد ۽ ضرب عضب جي ذريعي امن قائم ڪيو ۽ ان کانپوءِ هڪ سياسي پارٽي طالبان کي واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ گڊ طالبان ۽ بيڊ طالبان جي بحث شروع ڪيو. هن ??يو ته زندگي ۽ موت الله جي هٿ ۾ آهي پر پاڪستان کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اسان جو عزم استحڪام آهي، دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين. هن ??يو ته دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ صوبائي حڪومت جي به ذميواري هوندي آهي، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير لاهور ۾ ڪلاشنڪوف سان گاڏين ??ا شيشا ٽوڙيا، ڪاش ان وقت هو پشاور جي اندر دهشتگردي جي خلاف اجلاس ڪري رهيو هجي ها. هن ??يو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي پنهنجي صوبي ۾ مسئلن جي حل تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن ??يو ته ماضي ۾ خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پنجاب مدد جي آڇ ڪئي، ڪنهن طور به سياست رياست جي خلاف نه هجڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته سوشل ميڊيا تي غلط معلومات ۽ جعلي خبرن جي تدارڪ جي لاءِ ??دم لازمي آهن. هن ??يو ته ايس آءِ ايف سي سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ قائم ڪئي وئي، ايس آءِ ايف سي جي ڪري ٻاهرئين ??يڙپڪارن جي لاءِ آسانيون پيدا ٿيون آهن.