اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ پنجاب هائوس ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن مهانگائي جي شرح 32 کان 6.9 سيڪڙو ٿيڻ، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ۽ معاشي بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪيو. مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب موجب ٻنهي اڳواڻن معاشي انڊيڪيٽرز ۾ مسلسل بهتري، پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين طرفان رڪارڊ 8.8 ارب ڊالر ڏيهه موڪلڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن چيو ته پاڪستان ۽ عوام کي رليف ملڻ جي رفتار وڌڻ خوش آئنده آهي. ٻنهي اڳواڻن سعودي سيڙپڪار وفد جي آمد، ايس سي او منعقد ٿيڻ جي به آجيان ڪئي ۽ چيو ته ??هي سموريون سرگرميون پاڪستان جي عالمي وقار ۽ معاشي بهتري لاءِ نهايت مثبت اڳڀرائي آهي. ان موقعي تي محمد نواز شريف چيو ته وقت ثابت ڪيو ته 2006ع ۾ ميثاق جمهوريت تي صحيحيون ڪرڻ اسان جو درست رخ ۽ درست وقت تي تاريخي فيصلو هو. ميثاق جمهوريت سان ملڪ ۾ جمهوريت کي استحڪام مليو، پارليامينٽ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ شروع ڪيو. ميثاق جمهوريت جي نت??جي ۾ ڌرڻا، انتشار ۽ ڪاهه ڪرڻ جي سياست ڪندڙ غير جمهوري قوتن جو سمورين سياسي پارٽين گڏجي مقابلو ڪيو. هن چيو ته ??ڀني جمهوري قوتن کي گڏجي پارليامينٽ ذريعي عدل جو نظام جوڙڻو آهي. اهڙو انصاف جو نظام ٺاهڻو آهي جنهن ۾ ڪنهن فرد جي بالادستي نه هجي پر عوام جي راءِ ۽ ادارن جو احترام هجي ته ??يئن ڪنهن هڪ شخص کي اها طاقت ۽ اختيار حاصل نه هجي جيڪو بهترين جمهوري نظام کي جڏهن چاهي پٽڙي تان لاهي ڇڏي. ايئن نه ٿيڻ گهرجي ته فرد واحد ملڪ ۽ قوم کي انڌيرن جي حوالي ڪري ڇڏي. هن چيو ته ??ڄ حا??ل ٿيل معاشي ڪاميابين جو بنياد به سياسي اتحاد ۽ اتفاق آهي. ميثاق جمهوريت ۾ خواهش ظاهر ڪئي وئي هئي ته ??موريون قوتون گڏجي پاڪستان کي معاشي استحڪام ڏين جنهن جي نت??جي ۾ پاڪستان خوشحالي ٿئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ??هيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ اوهان ميثاق جمهوريت جي شڪل ۾ ملڪ کي اڳتي وڌائڻ جو تاريخي قدم کنيو. ان سفر کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي. نواز شريف چيو ته ??ياسي رواداري، اخلاق، آئين ۽ قانون ۽ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ اسان گڏ آهيون، ارڙهين ترميم ادارن کي مضبوط ڪيو هو. محمد نواز شريف بلاول ڀٽو جي سياسي ڪردار کي ساراهيو ۽ شاباش ڏني. بلاول ڀٽو زرداري ميان نواز شريف کي چيو ته ??وهان جي سياسي ويزن، سوچ ۽ تجربي جو تمام گهڻو قدر ڪريان ٿو، ملڪ ۽ قوم کي اوهان جي سياسي تجربي، سوچ ۽ پوليٽيڪل ويزن جي ضرورت آهي.