اسلام آباد-20 سيپٽمبر(اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ٻڌڻ واري صلاحيت کان محروم ماڻهن جي ٻولي” اشارن جي ٻو??ي“ جو عالمي ڏينهن 23 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو. پهريون ڀيرو اشارن جي ٻولي جوعالمي ڏينهن 2018ع ۾ ملهايو ويو هو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جومقصد ٻڌڻ واري سگهه کان محروم ماڻهن جي سماجي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ٻولي جي اهميت ک?? اجاگر ڪرڻ جي حوالي س??ن آگاهي فراهم ڪرڻ آهي . ان ڏينهن جي حوالي س??ن سماجي ۽ ف??احي ادارن جي انتظام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون.