ا??لا?? آباد -27 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪورم پورو نه هئڻ سبب جم??ي جي صبح جو ??اڍ?? ڏهين وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي شروعات تي ئي مخالف ڌر طرفان اعتراض واري نقطي تي ڳالهائڻ لاءِ وقت طلب ڪيو ويو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ايجنڊا کي اڪلائڻ کان پوءِ اعتراض واري نقطي لاءِ وقت ڏنو ويند??. ج??هن کان پوءِ مخالف ڌر جي ميمبر اورنگزيب کچيءَ ڪورم جي نشاندهي ڪئي، ڳڻپ ڪرڻ تي ڪورم پورو نه نڪتو جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه اجلاس جم??ي جي صبح جو ??اڍ?? ڏهين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.