اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تح??يڪ انصاف عورتن جي لاءِ تح??يڪ ناانصاف بڻجي چڪي آهي، ??ورتن کي هراسان ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آ??ي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ عورت کي هراسان ڪرڻ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته تح??يڪ انصاف اقبال آفريدي جي خلاف ايڪشن کڻي. هن چيو ته اڳ ۾ ئي اسان جي معاشري ۾ عورتن کي تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، اها تح??يڪ انصاف جي فسطائيت آهي جيڪا کلي ٻاهر اچي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته انصاف جي گهرج آهي ته ان حملي ۾ اقبال آفريدي جي پارٽي ميمبرشپ معطل ٿيڻ گهرجي.