لاهور – 08 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي نامياري گلوڪار نصرت فتح علي خان جي 27 هين ور??ي 16 آگسٽ تي ملهائي ويندي. ان سلسلي ۾ فلمي حلقن ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وي??دي??ن جنهن ۾ نصرت فتح علي خان جي فني خدمتن تي خر??ج عقيدت پيش ڪيو ويندو. نصرت فتح علي خان 13 آڪٽوبر 1948 تي فيصل آباد ۾ پيدا ٿيو. سندس والد استاد فتح علي خان ۽ چاچو استاد مبارڪ علي خان پنهنجي دور جا مشهور قوال هئا. نصرت فتح علي خان قوال طور دم مست قلندر مست مست سان ملڪ گير شهرت حاصل ڪئي. هن قوال?? جي صنف ۾ اولهه جو انداز متعارف ڪرايو جنهن کي سڄي دنيا ۾ ڀررپور پذيرائي حاصل ٿي. نصرت فتح علي خان پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مشهور هو، سندس وفات سان گلوڪار?? جي ميدان ۾ پيدا ??يل خال سالن تائين ڀرجي نه سگهندو.