ڪراچي-03 آگسٽ (اي پي پي)ڪراچي يون??ور??ٽي ?? يوم استحصال ”ڪشمير جو بحران“ جي عنوان سان سيمينار 5 آگسٽ تي ٿيندو. جاري پڌرائي مطابق سيمينار جو بندوبست يون??ور??ٽي جي شاگردن جي معاملن واري صلاحڪار آفيس ڪيو آهي، جيڪو صبح 11 وڳي چائنيز ٽيچرز ميموريل آڊيٽوريم ۾ ٿيندو. سيمينار جي صدارت يون??ور??ٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خالد محمود عراقي ڪندو جڏهن ته اڳوڻو سفير ۽ تجزيه نگار جميل احمد خان، پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڪراچي يون??ور??ٽي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر سيد جعفر احمد ۽ ڪراچي يون??ور??ٽي جي سياسيات واري شعبي جي اڳوڻي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر تنوير خالد پڻ خطاب ڪندا.