اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري آمريڪي ??ان??ريس ج?? ميمبر ۽ پاڪستان ڪاڪس ج?? باني ۽ شريڪ چيئرپرسن شيلا جيڪسن لي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو. ايوان صدر پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان ۾ صدر مملڪت آنجهاني ??ان??ريس وو??ن جي گهرڀاتين ۽ دوستن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته شيلا جيڪسن لي هڪ قابل ذڪر اڳواڻ هئي، شيلا جيڪسن عورتن ۽ ٻارن سميت انساني حقن لاءِ آواز بلند ڪيو. پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا مضبوظ بڻائڻ لاءِ شيلا جيڪسن جي ڪردار کي هميشه ياد ??کيو ويندو. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان ۾ 2022?? جي تباهه ڪن ٻوڏ دوران هن جون ڪوششون وسارڻ جوڳيون ناهن، ٻوڏ جي مشڪل گهڙي ۾ هن جي مدد سان ٻوڏ متاثر خاندانن کي اميد ۽ رليف مليو.