اسلام آباد ??? 11 – جولائي (اي پي پي) آذربائيجان جي صدر الهام ع??يوف جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. هٿياربند فوج جي دستي مهمان صدر کي گارڊ ??ف آنر پيش ڪيو. پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آيل آذربائيجان جي صدر الهام ع??يوف جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ باضابطا آجياڻي واري تقريب ٿي. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سندس شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا و??ا. ??زيراعظم شهباز شريف معزز مهمان کي پاڻ سان گڏ سلامي جي ڇپري ڏانهن وٺي ويو جتي پاڪستان جي ٽنهي هٿياربند فوج جي دستن کيس گارڊ ??ف آنر پيش ڪيو. آذربائيجان جي صدر پريڊ جو معائنو ڪيو. وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي مي??برن سان مهمان صدر جو تعارف ڪرايو. جڏهن ته آذربائيجان جي صدر ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف سان پنهنجي وفد جي مي??برن جو تعارف ڪرايو.