اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل دوستي جو رشتو مضبوط ۽ مستحڪم آهي، ٻئي ملڪ امن ۽ ترقي جا خواهشمند آهن. اهڙو اظهار هن سي پيڪ تي ٿيل عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. چيني سفير چيو ته اسان کي امن ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، چين پاڪستان ۾ امن ۽ ترقي جو خواهشمند آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي انصاف لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرو??ت آهي، چين دنيا ??ي ڏا??ڻي علائقن جو ميمبر ملڪ آهي، هاڻوڪن ڪجهه سالن ۾ دنيا ??ي ڏکڻ طرف جا ملڪ معاشي ترقي جي علامت بڻجي اڀريا ??هن، چيني سفير چيو ته دنيا ??ي ڏکڻ خطي ۾ واقع ملڪ عالمي معاملن ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيا ??هن. چين جي صدر شي جن پنگ ڏکڻ جي ملڪن ۾ ترقي جي عمل کي هٿي ڏيڻ لاءِ ف??رم فراهم ڪيو آهي. هن چيو ته چين جي صدر دنيا ??ي ڏا??ڻي ملڪن جي ترقي لاءِ اهم قدم کنيا ??هن، وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري ۾ ٿيل مفاهمتي يادداشتن کي اڳتي وڌايو ويندو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي سي پيڪ ذريعي اڳتي وڌايو پيو وڃي. گوادر بندرگاهه ۽ خصوصي اقتصادي زونز ذريعي روانگي واپار ۾ اضافي جا بي پناهه موقعا موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ گرين انرجي، تيل ۽ گئس جي ڳولا ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ تعاون وڌايو ويندو، اقتصادي راهداري ذريعي سمورا ملڪ سيڙپڪاري ڪري سگ??ن ٿا.