آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس اجلاس ۽ ايس سي او پلس جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ قازخستان جي گادي واري ??هر آستانه پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آستانه جي نور سلطان نذر بائيوف عالمي هوائي اڏي تي قازخستان جي وزيراعظم اولهاز بيڪٽونوف، قازخستان جي نائب وزيراعظم علي بيڪ بيڪايوف، آستانه ??هر جي م??ئر زهينس قاسم بيڪ، قازخستان ۾ ??قر?? پاڪستان جي سفير نعمان بشير ۽ ٻئي سفارتي عملي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم 3 ۽ 4 جولاءِ 2024ع تي آستانه، قازقستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس اجلاس (سي ايڇ ايس) ۽ ايس سي او پلس جي سربراهي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم سربراهي اجلاسن جي موقعي تي شريڪ اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.