اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي پختي عزم جو ??رج??ءُ ڪندي چيو آهي ته پوليو جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پوليو ورڪرز کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا، پوليو جي خاتمي جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ذاتي طور تي نگراني ڪندس. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گ??ٽس فائونڊيشن جي سربراهه بل گ??ٽس ملاقات ڪئي. بل گ??ٽس وزيراعظم جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم عالمي اقتصادي فورم جي هن سال رياض ۾ ٿيندڙ اجلاس جي موقعي تي بل گ??ٽس سان پنهنجي ملاقات دوران کيس پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني ه??ي. وزيراعظم شهباز شريف بل گ??ٽس کي معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊيجيٽل مالياتي خدمتن ۾ اهم اڳڀرائي، صحت جي سهولتن تائين پهچ ۾ بهتري، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان موافقت ۽ پوليو جي خاتمي جي حڪومتي ڪوششن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم معيشت کي ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان حڪومت جي قدمن جي لاءِ گ??ٽس فائونڊيشن جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. هن چيو ته پوري حڪومتي ڍانچي جي هڪ ڊيجيٽلائيزڊ ايڪو سسٽم جي نتيجي ۾ اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيندو جنهن سان گورننس کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ حڪومت عوامي ڀلائي جي اسڪيمن تي وڌيڪ خرچ ڪرڻ جي قابل ٿيندي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان حڪومت ۽ گ??ٽس فائونڊيشن ٻنهي جا ڪيترائي ه??ف آهن جن ۾ صنفي فرق کي ختم ڪرڻ، صحت جي سهولتن تائين پهچ ۾ اضافي، غذائي تحفظ کي بهتر بڻائڻ، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان موافقت ۽ مالياتي شموليت شامل آهي. وزيراعظم گ??ٽس کي مختلف شعبن ۾ اڳڀرائي ۽ درپيش چئلينجن کان آگاهه ڪيو. پوليو جي خاتمي جي پروگرام جي لاءِ سڀ کان وڏو عطيو ڏيڻ تي گ??ٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيندي وزيراعظم پوليو وائرس جي وڌندڙ انفيڪشن جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ مضبوط ۽ جامع حڪمت عملي ۽ پاڪستان ۾ ان بيماري کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ گهربل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن پوليو جي خاتمي جي پختي عزم جو ??رج??ءُ ڪندي چيو ته ملڪ مان پوليو جو خاتمو حڪومت اولين ترجيح آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پوليو ورڪرز کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. وزيراعظم چيو ته جيستائين ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي تائين ان حوالي سان قومي سطح تي ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ذاتي طور تي نگراني ڪندس. بل گ??ٽس ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي حوالي سان مسلسل لگن ۽ ذاتي دلچسپي جي لاءِ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن ان يقين جو پڻ اظهار ڪيو ته مسلسل ويڪسينيشن ۽ حڪومت جي پختي عزم سان پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ بهتري ايندي. بل گ??ٽس ڊيٽا سائنس ٽولز ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي کي پاڪستانين جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ اهم وسيلا قرار ڏنو. ٻنهي ڌرين نه رڳو پوليو جي خاتمي پر سمورن صوبن ۾ صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ سمورن پاڪستانين خاص طور تي عورتن جي ڀلائي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.