شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جو پنهنجو 5 ڏينهن جو تاريخي ۽ ڪامياب دورو مڪمل ڪري پاڪستان روانو ٿي ويو، پاڪستان رواني ٿيڻ وقت شانسي صوبي جي نا??ب گورنر ڇَن ڇُن جيانگ، اعليٰ چيني ۽ پاڪستاني سفارتي اهلڪارن وزيراعظم کي الوداع ڪ??و. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جو 5 ڏينهن جو چين جو دورو پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي مضبوطي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي شروعات جي حوالي سان اهم سنگ ميل ثابت ٿيو. دوري جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته تازو چين جو دورو پاڪستان ۽ چين جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ نئين جهت جو اضافو آهي. چيني قيادت شي جن پنگ ۽ پريميئر لي ڪي ڪيانگ جو مهمان نوازي تي دل سان ٿورائتو آهيان، پاڪستان ۽ چين جي دوستي لازوال ۽ بي مثال آهي. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت چيني ڪاروباري شخ??يت?? ۽ سيڙپڪارن جي پاڪستاني ڪاروباري شخ??يت?? ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ٿي، چين جي انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ ترقي قابل تقليد آهي. وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪستان جي اقتصادي حصيداري سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو. تازي چين جي دوري دوران ٿيندڙ مثبت اڳڀرائ?? جا اثر ڊگهي مدي تائين رهندا.