شينزن – 04 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جديد ٽيڪنالاجي سان ملڪي زرعي شعبي جي پيداوار ۽ زرعي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪ??ي رهيو آهي، پاڪستان چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيد??ري جي فروغ جو خواهشمند آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري پڌرائي موجب چين ڪميونسٽ پارٽي جي شينزن جي سربراهه ۽ گوانگ ڊونگ صوبي جي نائب سربراهه مينگ فينلي وزيرا??ظم شهباز شريف سان شينزن ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ مينگ فينلي وزيرا??ظم جي شينز اچڻ تي آجيان ڪ??ي ۽ کيس شينزن جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته ڪيترن ئي سالن کانپوءِ شينزن اچي دلي خوشي ٿي، شينزن جي حڪومت ۽ ان جي عوام جي مهمان نوازي تي ٿورائتو آهيان. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي هماليه کان اونچي، سمنڊ جي گهرائي جيتري گهر?? ۽ ??اکيءَ کان مٺي آهي، پاڪستاني قيادت ۽ عوام هر مشڪل وقت ۾ چين جي تعاون تي چيني قيادت ۽ ان جي عوام جي ٿورائتي آهي. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان چين جي ون چائنا پاليسي جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، شينزن لاهور جو سسٽر شهر ۽ گوانگ ڊونگ پنجاب جو سسٽر صوبو آهي، پاڪستان چين جي ترقي کان تمام گهڻو متاثر آهي ۽ چين جي ترقي مان سکڻ چاهي ٿو. وزيرا??ظم چيو ته اسان جي حڪومت سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي حصيد??ري ۽ سيڙپڪ??ري سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪ??ي رهي آهي، پنهنجي دوري جي شينزن کان شروع ڪرڻ جو مقصد شينزن جي ترقي خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي مان سکڻ آهي.
وزيرا??ظم چيو ته پاڪستاني حڪومت جديد ٽيڪنالاجي سان ملڪي زرعي شعبي جي پيداوار ۽ زرعي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪ??ي رهي آهي، پاڪستان چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيد??ري جي فروغ جو خواهشمند آهي. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي طاقت ان جي نوجوان افرادي قوت آهي جيڪا ملڪي آبادي جو 60 سيڪڙو آهي، شينزن ۽ پاڪستان ۾ اها هڪجهڙائي آهي، ام??د ڪريان ٿو ته شينزن ۾ پاڪستاني شاگردن جي انگ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. مينگ فينلي چيو ته ام??د ڪريان ٿو ته توهان جي چيني اعليٰ قيادت خاص طور تي چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني وزيرا??ظم لي ڪي ڪيانگ سان ملاقاتون ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن ۽ حصيد??ري جي فروغ جي حوالي سان لاڀائتيون ثابت ٿينديون، شينزن ۾ پاڪستاني شاگردن جو وڏو انگ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۽ شينزن جي وچ ۾ واپار جي فروغ جا وسيع موقعا موجود آهن.
ملاقات کانپوءِ مينگ فينلي وزيرا??ظم ۽ پاڪستاني وفد جي اعزاز ۾ آجياڻي جو اهتمام ڪيو. ملاقات ۾ نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، غذائي تحفظ وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، نجڪ??ري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي و??ري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه پڻ شريڪ هئا.