بيجنگ – 16 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ عوامي جمهوريه چين جي ناڻي واري وزير لان فوآ?? سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ چين جي ناڻي واري وزير پاڪ چ??ن مالياتي ۽ بئنڪنگ جي شعبن ۾ تعاون کي ساراهيندي ان کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ”آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ“ جو مظهر قرار ڏنو. هن خاص طور تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ وڌندڙ بزنس ٽو بزنس رابطن جي ڏس ۾ مالي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چيني ناڻي واري وزير پاڪستان جي معيشت جي مثبت رفتار جو ذڪر ڪندي پاڪستان جي اقتصادي ايجنڊا کي ساراه??و ۽ مالي استحڪام کي مضبوط بڻ??ئڻ جي ڪوششن ۾ چين جي پاڪستان جي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مالياتي ۽ بئنڪنگ جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ نائب وزيراعظم جي تعاون کي پڻ ساراهيو. ملاقات دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ گورننس، روين??و ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني تي پاڪستان حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا جو ذڪر ڪيو. هن چ??ن مان سيڙپڪاري کي پاڪستان جي ترجيح طور تي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته ان مقصد جي لاءِ جن ترجيحي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي انهن ۾ زراعت، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۽ قابل تجديد توانائي جا شعبا شامل آهن.