اسلام آباد – 15 – مئي (اي پ?? پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته گلگت ??لت??تان ۾ بهتر ٽرانسپورٽ نظام سان واپاري، اقتصادي ۽ سياحتي سرگرمين کي فروغ ملندو، هر قسم جي موسمي ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر سان مسلسل ۽ قابل اعتماد چرپر يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي، گلگت ??لت??تان کي هڪ ترقي يافته ۽ خوشحال خطو ڏسڻ منهنجي زندگي جومشن ۽ خواب آهي، گلگت ??لت??تان پوري ملڪ جي ترقي جي انجڻ ثابت ٿي سگهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري پاڪستان پيپلزپارٽي گلگت ??لت??تان جي صدر امجد حسين ايڊووڪيٽ جي قيادت ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالهائي رهيو هو. وفد صدر کي گلگت ??لت??تان جي ماڻهن کي درپيش مسئلن بابت ٻڌايو. صدر چيو ته گلگت ??لت??تان ۾ هر موسم جو روڊ انفراسٽرڪچر ٺاهڻ جي ضرورت آهي. صدر گلگت ??لت??تان ۾ ترقياتي سرگرمين کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته گلگت ??لت??تان ۾ ڪارڊيالوجي اسپتال ۽ نرسنگ ڪاليج قائم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا ويندا، اسڪردو ۽ گلگت جي وچ ۾ هر قسم جي موسم جي رستن ۽ سرنگهن جي تعمير سان ڪاروبار جي لاءِ پهچ ۽ چرپر ۾ بهتري ايندي، گلگت ??لت??تان ۾ بهتر ٽرانسپورٽ نظام سان سامان جي چرپر، رابطن ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته بهتر ٽرانسپورٽ سان صحت، تعليم ۽ روزگار جي موقعن جهڙين خدمتن تائين ماڻهن جي پ??چ ۾ پڻ اضافو ٿيندو، صدر گلگت ??لت??تان ۾ سياحت جي فروغ جي لاءِ گلگت جي هوائي اڏي کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته گلگت ??لت??تان جي صحت جي شعبي ۾ ق??من سان ماڻهن کي چانئٺ تي صحت جون اعليٰ معياري خدمتون فراهم ڪري سگهبيون، گلگت ??لت??تان صحت ۽ تعليمي سهولتن جي فراهمي سماجي ۽ اقتصادي ترقي، خوشحالي جي لاءِ لازمي آهي، گلگت ??لت??تان ۾ سياحت سميت اقتصادي ترقي ۽ واپاري سرگرمين جا وسيع امڪان آهن. هن چيو ته گلگت ??لت??تان جي هائيڊرو اليڪٽرڪ صلاحيت کي مقامي ۽ قومي توانائي جي ضرورتن کي پ??رو ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. وفد سياحت، اقتصادي سرگرمين جي فروغ، بنا رڪاوٽ بجلي جي فراهمي، صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي جي ترقي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وفد جو چوڻ هو ته موسمياتي تبديلين جا اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. وفد صدر کي گلگت ??لت??تان جي ماحولياتي مسئلن بابت پڻ ٻڌايو. وفد ٻڌايو ته ٻيلن جي فروغ خاص طور تي اخروٽ جي وڻن جي وڻڪاري سان ڳرندڙ گليشيئرز کي بچائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر وفد کي گلگت ??لت??تان جي ترقي جي لاءِ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.