اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بوسنيا هرزيگوينا سان ڪاروباري ۽ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ بئنڪون کولڻ سميت مقامي ڪرنسين ۾ واپار ۽ بارٽر ٽريڊ کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن بوسنيا هرزيگوينا جي سفير امين ڪوهوڊاريوچ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب صدر سفير جي آجيان ڪندي چيو ته بوسنيا هرزيگوينا سان پاڪستان ??ا اٽڪل ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل تاريخي ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ت??او?? جون وڌيڪ راهون ڳولڻ جي لاءِ ٻطرفو رابطو ۽ ڳالهه جاري رکڻ گهرجي. سفير چيو ته سندس ملڪ پاڪستان ??ان معيشت، سلامتي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ گهري لاڳاپن ج?? خواهشمند آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته بوسنيا هرزيگوينا جي مختلف صنعتن بشمول خوراڪ، سياحت ۽ ٽيڪ??ٽا??يل ۾ پاڪستاني ڪاروبار جي لاءِ اقتصادي ت??او?? جي وسيع گنجائش موجود آهي. هن 1990ع جي ڏهاڪي جي جنگ دوران ??وسنيا هرزيگوينا جي حمايت تي پاڪستان ??ي حڪومت ۽ عوام جا ٿوا مڃيا. هن گڏيل قومن ج?? جنرل اسيمبلي ۾ سريبرينيڪا بابت بوسنيا هرزيگوينا جي قرارداد جي مسودي جي لاءِ پاڪستان ??ي حمايت جي پڻ درخواست ڪئي. صدر پاڪستان ??وسنيا جي درخواست جو بهتر طريقي سان ??ائزو وٺندو، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان 1995ع جي سريبرينيڪا سانحي جي متاثرين سان گڏ يڪجهتي جي لاءِ بيٺل آهي. سفير صدر کي بوسنيا هرزيگوينا جي دوري جي دعوت پڻ ڏني ته جيئن ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ اقتصادي ت??او?? کي مضبوط ڪري سگهجي.