اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پهچڻ تي پاڪستان هاڪي ??يم کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته هاڪي ??يم جا رانديگر اسانجا هيرو آهن، جن اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر قومي راند کي زندهه ڪيو آهي، پوري قوم هاڪي ??يم جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد سان گڏ پاڪستان هاڪي ??يم جي ميمبرن سان وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو تهپ اڪستان هاڪي ??يم جا رانديگر قومي هيرو آهن، توهان هڪڀ يرو ٻيهر قومي راند کي پاڪستان ۾ زندهه ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو راندين جي فروغ لاءِ وڏو فوڪس آهي. وفاقي و??ير اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ ۾ شاندار ڪاميابي تي پاڪستان هاڪي ??يم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جو فائنل پي ٽي وي اسپورٽس جي ذريعي سڌوسنئون نشرو ڪيو ويندو. هن چيو ته سڀاڻي جي مئچ جي لاءِ ٽي وي چينلز ۽ اخبارن ۾ هاڪي ??يم جي ڪاميابين کي اجاگر ڪيو ويندو. وفاقي و??ير چيو ته اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جي فائنل مئچ کي سڌوسنئون نشر ڪرڻ جي لاءِ اسان تيارين کي ح??مي شڪل ڏئي رهيا آهيون، فائنل مئچ پوري پاڪستان ۾ ڏٺو ويندو. هاڪي ??يم جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيندي اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته پاڪستان هاڪي ??يم نيوزيلينڊ، ملائيشيا ۽ ڪوريا سان زبردست مئچ کيڏي، اهي ٽيمون رينڪنگ ۾ پاڪستاني ??يم کان مٿي هيون پر پاڪستان هاڪي ??يم انهن ٽيمن سان مئچن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪاميابيون حاصل ڪيون. هن چيو ته پوري قوم هاڪي ??يم سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي ڪاميابي جي لاءِ دعاڳو آهي. توهان جي ڪاميابي پوري قوم سان گڏجي ملهائينداسين، اسان پنهنجي هيروز جي واپسي جا منتظر آهيون.