اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف ٽانڪ ڊيره اسماعيل خان ۽ باغ ضلعي خيبر ۾ پاڪ فوج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين جڏهن ته شهادت ماڻيندڙ جوانن کي خراج عقيدت ??يش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم باغ ضلعي خيبر ۾ آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ 5 جوانن نائيڪ محمد اشفاق بٽ، لانس نائيڪ سيد دانش افڪار، سپاهي تيمور ملڪ، سپاهي نادر صغير ۽ سپا??ي محمد ياسين کي خراج عقيدت ??يش ڪندي چيو ته پاڪ فوج جي جوانن پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسوا??ِ دهشتگرد عنصرن جي خاتمي لاءِ ڪارروائي ڪئي، الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم شهيدن جي گهرڀاتين کي خراج عقيدت ??يش ڪري ٿي، پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن ملڪي سلامتي کي سدائين پنهنجي جانين تي فوقيت ڏني. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي ملڪ مان خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.