اسلام آباد-22 اپريل (اي پي پي)قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪس??ان جي عزت، وقار ۽ مفاد جي تحفظ لاءِ سموريون سياسي قوتون متحد آهن، پارليامينٽ ۾ موجود سموريون پارٽيون ايران سان پنهنجن لاڳاپن کي انتهائي قدن جي نگاهه سان ڏسن ٿيون، پاڪس??ان ايران سان پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن کي هٿي ڏيڻ ذريعي موجوده لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. هن ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي جي هاڻوڪي پاڪس??ان جي دؤري کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته صدر سيد ابراهيم رئيسي جو پاڪس??ان جي دؤري سان نه صرف ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي لاڳاپن ۾ واڌ ٿيندي پر ان دؤري جا خطي جي ٻين ملڪن تي به ڏور رس نتيجا مرتب ٿيندا. هن اهڙو اظهار پاڪس??ان جي دؤري تي آيل ايران جي صدر سان پنهنجي ٿيل ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان قومي اسيمبليءَ ۾ موجود سمورين سياسي پارٽين جي ميمبرن تي ٻَڌل وفد به موجود هو. اسپيڪر ايراني صدر کي پاڪس??ان اچڻ تي پاڪس??ان جي پارليامينٽ ۽ عوام طرفان ڀليڪار ڪيو. هن چيو ته خطي ۾ پائيدار امن جي قيام ۽ ترقيءَ لاءِ ٻه طرفن مسئلن کي ڳالهين ذريعي احسن طريقي سان ح?? ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته واپار، توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل ت??او?? جا وسيع موقعا موجود آهن، جن کي ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪتب آڻي سگهجي ٿو. هن پاڪ- ايران سرحد جي ٻنهي پاسن کان واپاري مرڪزن جي قيام کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي چيو ته پاڪ- ايران سرحد تي واپاري مرڪزن جي قيام سان سرحد جي ٻنهي طرف رهند شهرين جي زندگين ۾ خوشحالي ايندي. ايران جي صد ڳالهائيندي چيو ته برادر ملڪ پاڪس??ان جو دؤرو ڪري دلي خوشي ٿي آهي، پاڪس??ان ۽ ايران وچ ۾ لاڳاپا روايتي ۽ سفارتي لاڳاپن کان وڌيڪ ڪري آهن، ٻنهي ملڪن جو عوام اخوت، ڀائيچاري، پاڙيسري ۽ محبت جي لازوال رشتن ۾ ٻَڌل آهن. هن پاڪس??ان ۾ پنهنجي وفد جو شاندار استقبال ۽ مهمان نوازيءَ تي پاڪس??ان جي عوام ۽ حڪومت جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويجها لاڳاپن سان خطي ۾ ترقي ۽ خوشحاليءَ جي نئين دؤر جي شروعات ٿيندي. ان موقعي تي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر سيد نويد قمر ڳالهائيندي چيو ته پاڪس??ان ايران سان پارلياماني رابطن کي اهميت ڏئيٿو. هن چيو ته گذريل قومي اسيمبليءَ پاڪ- ايران فرينڊشپ گروپ سڀ کان وڏو ۽ فعال فرينڊشپ گروپس مان هڪ هو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪس??ان جي پارليامينٽ ايران جي ملي مجلس شوريٰ سان رابطن کي هٿي ڏيڻ جي خواهش رکي ٿو. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته موجوده اسيمبليءَ ۾ پاڪ- ايران فرينڊشپ گروپس ٻنهي ملڪن جي پارليامانن ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. پاڪس??ان وفد ۾ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کان علاوه قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن سيد نويد قمر، عو?? چوڌري، ملڪ محمد عامر ڊوگر، نور عالم خان ۽ ٻيا موجود هئا، جڏهن ته ايراني وفد ۾ ايران ڪابينه جا ميمبر صدر سان گڏ هئا.