اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو آهي ته ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجز کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ مضبوط معيشت اهم حيثيت رکي ٿي. هن اها ڳالهه نيول هيڊڪوارٽرز جي دوري دوران ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ش??يف وفاقي وزيرن سان گڏ نيول هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، پاڪ ب??ري?? جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف وزيراعظم جو استقبال ڪيو ۽ وزيراعظم کي پاڪ ب??ري?? جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. وزيراعظم شهيدن ??ي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ بعد ۾ نيول هيڊڪوارٽرز جي پرنسپل اسٽاف آفيسر سان سندس تعارف ڪرايو ويو. ملاقات دوران علائقائي سامونڊي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن ۽ پاڪ ب??ري?? جي آپريشنل تيارين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. امير البحر وزيراعظم کي پاڪ ب??ري?? جي ڪردار، صلاحيتن ۽ مستقبل ۾ جدت آڻڻ جي منصوبن کان آگاهه ڪيو. بعد ۾ ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف (آپريشنز) پاران موجوده سامونڊي صورتحال، پاڪ ب??ري?? کي درپيش چئلينجز ۽ انهن کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ پاڪ ب??ري?? جي ردعمل بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي خاص طور تي ميري ٽائيم شعبي ۾ ملڪ کي درپيش موجوده ۽ مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ پاڪ ب??ري?? جي صلاحيت ۾ اضافي ج?? لاءِ ضرورتن بابت آگاهه ڪيو ويو. ان کي ميري ٽائي?? سيڪٽر جي معاشي امڪانن مان فائدو کڻڻ جي قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم محدود وسيلن جي باوجود ملڪ جي سامونڊي مفادن ??ي تحفظ ج?? لاءِ پاڪ ب??ري?? جي خدمتن کي ساراهيو. هن نيول ايئربيس تربت تي تازي دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائڻ ج?? لاءِ پاڪ ب??ري?? جي پيشيواراڻي ردعمل کي خاص طور تي ساراهيو. وزيراعظم زور ڏئي چيو ته ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجز کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ مضبوط معيشت اهم حيثيت رکي ٿي. آخر ۾و زيراعظم پاڪ ب??ري?? جي ڪمانڊ آپريشن سينٽر جو دورو پڻ ڪيو. نيول چيف وزيراعظم جي دوري ۽ ب??ري?? تي اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. هني قين ڏياريو ته پاڪ ب??ري?? الله سبحان الله تعاليٰ جي مدد سان ملڪ جي سامونڊي سرحدن ۽ سامونڊي مفادن ??و دفاع جاري رکندي ۽ امن 7 جنگ ٻنهي جي ذميوارين کي بهترين انداز ۾ نڀائيندي.