اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بحرين غزه ۾ خاص طور تي رمضان المبارڪ ۾ فوري جنگبندي ۽ معصوم فلسطينين کي انساني امداد جي فوري فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بحر??ن جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ بحر??ن جي بادشاهه شيخ حمد بن عيسيٰ الخليفه ۽ سندس شاهي خاندان بحر??ن جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شيخ سلمان بن حمد الخليفه پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جنرل شيخ محمد جي پاڪستان ۾ شاندار آجيان ڪئي ۽ بحر??ن جي قيادت جا بطور وزيراعظم ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد جي پيغامن تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ بحر??ن جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ بهترين دفاعي تعاون آهي ۽ ان جو دورو انهن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندو. واپار جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته هڪ ڀيرو جڏهن پاڪستان – جي سي سي آزاد واپاري معاهدو لاڳو ٿي ويندو ته موجوده ٻطرفو واپاري ڪاٿو هڪ ارب ڊالر ساليانو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافي جي صلاحيت آهي. وزيراعظم ڪنگ حماد نرسنگ اسپتال جو حوالو ڏنو جيڪا اسلام آباد ۾ تعمير هيٺ آهي. هن چيو ته اهو فليگ شپ پراجيڪٽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ بادشاهه جو تحفو آهي. 2014ع ۾ سندس دوري کي ياد ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ويجهي مستقبل ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بحر??ن جي بادشاهه جي ميزباني جو منتظر آهي. ان جي ج??اب ۾ جنرل شيخ محمد وزيراعظم شهباز شريف کي جل?? کان جل?? بحر??ن جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ملاقات دوران غزه جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻنهي ڌرين خاص طور تي رمضان المباڪ ۾ فوري جنگبندي ۽ معصوم فلسطينين کي انساني امداد جي فوري فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو.