اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خيبر ضل??ي جي علائقي تيرا??ه ۾ دهشتگردن سان مقابلو ڪندي ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ 3 فو??ي جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوري قوم کي شهيدن تي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب نگران وزيراعظم شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر، ن??ئي?? خوش دل خان، ن??ئي?? رفيق خان ۽ لانس ن??ئي?? عبدالقدير جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. نگران وزيراعظم شهيدن جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. هن چيو ته پاڪ فو?? جي جوانن تيرا??ه ۾ وطن جي حفاظت جي لاءِ شهادت ماڻي، مون سميت پوري قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، ملڪ جي امن جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.