تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ ??ميس ڏينهن تاشقند ۾ مصروف ڏينهن گذاريند??، هو آذربائيجان جي صدر ا??هام عليوف سان ملاقات، اي سي او جي اجلاس کي خطاب پڻ ڪندو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم آذربائيجان جي صدر ا??هام عليوف سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. نگران وزيراعظم اي سي او جي سورهين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ۽ اجلاس کي خطاب پڻ ڪندو، ان کانسواءِ نگران وزيراعظم اي سي او ملڪن جي سربراهن جي اعزاز ۾ منعقد آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم جي اڄ ??زبڪستان جي تاريخي شهر ثمرقند روانگي پڻ متوقع آهي جتي هو حضرت امام بخاري جي مزار تي حاضري ڀريندو.