اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) انساني حقن واري نگران وفاقي وزير خليل خارج چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع ڪشميرين ??اء?? ڪارو ترين ڏينهن آهي. ڪشمير جو عوام گذريل 76 سالن کان ڀارت جي غاصباڻي قبضي ۾ آهي ۽ ان دوران لکي?? بيگناهه ڪشميري شهرين کي بدترين ظلم ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي. ڀارت ياد رکي ته ظلم ۽ ڏاڍ سان ڪشميرين جي حريت و??ري جذبي کي ختم نٿو ڪري سگهجي. ڪشميرين جي جدوجهد هڪ ڏينهن آزاديءَ جو پيغام کڻي ايندي. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جاري هڪ خصوصي پيغام ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته ڀارت طاقت جي ڏڍ تي هٿين خالي ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي ۽ ڪشميرين جي جدوجهد آزادي کي دٻائڻ ??اء?? هر ڏينهن نوان حربا استعمال ڪري رهيو آهي. ڀارت طرفان 5 آگسٽ 2019ع جا قدم سلامتي ڪائونسل ۽ جنيوا ڪنوينشن جي کليل خلاف ورزي آهن. هن چيو ته ڪشميرين کي خوداراديت و??ري حق کان محروم رکڻ انهن کي بنيادي حقن کان محروم رکڻ آهي. عالمي برادري ۽ انساني حقن وارا ادارا ڪشميرين تي ظلم خلاف ۽ کين آزادي ڏيارڻ ۾ مدد ڪن. هن چيو ته اسان ڪشميري عوام تي ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا ۽ ڪشميرين جي خوداراديت و??ري حق جي ڪوششن جي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي خوداراديت و??ري حق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي حمايت جاري رکنداسين. مون کي اميد آهي ته انهن جون قربانيون رائيگان نه وينديون.