اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي پاڪستاني اي??وسيئيشن ۽ برطانوي پلاسٽڪ سرجنز جي وفد ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفد جي قيادت اي??وسيئيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر ??عج??ز بشير ڪئي. صحت واري وفاقي وزارت جا عملدار پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻارن جي پيدائشي طور تي ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي علاج سان ٻارن جي زندگي جي معيار ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي. موجوده دور جي صحت جي مسئلن، مستقبل ج?? ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ جدت اختيار ڪرڻي پوندي. وفد صدر کي ڪٽيل چَپ ۽ تالُو جي پاڪستاني اي??وسيئيشن جي ڪم ۽ سرگرمين بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته اي??وسيئيشن معاشري جي لاچار طبقن کي گجرات ۾ مفت علاج جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. اي??وسيئيشن پاڪستان ۾ عالمي معيار موجب علاج جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، متاثر ٻارن کي کائڻ ۽ ڳالهائڻ جي مسئلن کانسواءِ امتيازي سلوڪ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اي??وسيئيشن جي ٻارن جي علاج ۽ سرجري جي حوالي سان ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.