اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين پاڪ??تا?? اقتصادي لنگهه تي عملدرآمد جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ان منصوبي پاڪ??تا?? جي سماجي ۽ اقتصادي منظرنامي کي بدلائي ڇڏيو آهي، اسان جو رشتو ماضي، حال ۽ مستقبل جو آهي، ان حقيقت کي ڪا به شيءَ نه ٿي بدلائي سگهي، چين پاڪ??تا?? دوستي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو سبب آهي، پاڪ??تا?? ۽ چين ويجها دوست، حصيدار ۽ مضبوط ڀائرن جي حيثيت سان گڏيل مستقبل جي منزل طرف وڌي رهيا آهن. چين جي دوري جي موقعي تي ناليواري چيني اخبار گلوبل ٽائيمز ۾ پنهنجي خصوصي مضمون ۾ نگران وزيراع??م چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) صدر شي جن پنگ جي بصيرت ۽ دروانديشي جو هڪ اهم منصوبو آهي. اسان صدر شي جن پنگ جي ويزن ۽ مدبراڻي صلاحيتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن 10 سال اڳ بني نوع انسان جي لاءِ گڏيل مستقبل جي لاءِ هڪ ڪميونٽي جو ويزن پيش ڪيو. هن چيو ته هم آهنگي ۽ گڏيل دارومدار تي چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي فليگ شپ منصوبي طور تي پاڪ??تا?? بي آر آئي ۾ شامل ٿيندڙ ملڪن ۾ پهريون ملڪ هو. سي پيڪ پاڪ چين لاڳاپن ۾ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ان پاڪ??تا?? جي سماجي ۽ اقتصادي منظرنامي کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جديد انفراسٽرڪچر کي اپ گريڊ ڪيو آهي، علائقائي رابطن کي وڌايو آهي، توانائي جي حفاظت کي يقيني بڻايو آهي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا آهن. نگران وزيراع??م چيو ته پاڪ??تا?? سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي عملدرآمد ۽ تڪميل جي لاءِ پرعزم آهي. اسان چين جي سي پيڪ جي بطور ترقي، روزگار جي ذريعي، گرين اڪانومي، هر هڪ جي پهچ ۽ جامع لنگهه جي تجويز جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا. هن چيو ته بي آر آئي گڏيل مستقبل جي عالمي برادري جو هڪ اهم ٿنڀ آهي. گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو (جي ڊي آئي)، گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو (جي ايس آئي) ۽ گلوبل سولائيزيشن انيشي ايٽو (جي سي آئي) ”گڏيل ڪميونٽي“ جي تصور کي وڌيڪ بهتر ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? جي ڊي آئي گروپ آف فرينڊز جو پڻ هڪ اهم ميمبر آهي ۽ ان کي وڌيڪ ٺوس شڪل ڏيڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته جي ڊي آئي تي مفاهمت جي ياداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪندڙ پهرين ملڪ طور پاڪ??تا?? تعليم، صحت، موسمياتي تبديلي ۽ غربت ۾ گهٽتائي جي شعبن ۾ ان تعاون مان وقتائتي انداز ۾ فائدو کڻڻ جي لاءِ تيار آهي، اهڙي طرح پائيدار ترقي جي هدفن کي وقت سر پورو ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. نگران وزيراع??م چيو ته پاڪ??تا?? جي ايس آئي ۽ گڏيل قومن جي منشور ۽ گهڻ رخن اصولن ۽ اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت جي پڻ حمايت ڪئي آهي. اسان حل نه ٿيندڙ تڪرارن ۽ دهشتگردي جي ڪري ڊگهي عرصي تائين نقصان کڻڻ سان متاثر ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏيل احترام تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه جي حمايت ڪريون ٿا. هن چيو ته جي سي آئي صدر شي جن پنگ جو هڪ ٻيو تاريخي ۽ وقتائتو قدم آهي، جيڪو اختلافن ۾ ورتل دنيا ۾ تهذيبن جي وچ ۾ مڪالمي، امن ۽ مفاهمت جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. نگران وزيراع??م چيو ته پاڪ??تا?? جي پرڏيهي پاليسي جا مقصد سدائين اندروني ۽ ٻاهريون امن رهيا آهن، تڪرارن، معاشي ٻاڙائي، غذائي عدم تحفظ، سماجي اڻبرابري ۽ موسمياتي تبديلي جهڙن ڪيترن ئي چئلينجن ۾ ورتل دنيا ۾ پاڪ چين اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي اهميت تمام وڌيڪ آهي. اهو ٻنه?? ملڪن جي عوام جي لاءِ فخر ۽ سڪون جو سبب آهي جيڪو خطي جي اندر ۽ ٻاهر امن ۽ استحڪام جا اهم عمل آهن. نگران وزيراع??م چيو ته پاڪ چين لاڳاپا ڀائيچاري، دوستي ۽ اعتماد جو اهو باب آهي جنهن جا بنياد 70 سالن کان وڌيڪ عرصو اڳ رکيا ويا هئا. ان وقت ٻنه?? ملڪن جي قيادت جي ويزن سان لاڳاپن جي لاءِ ٺوس بنياد رکيو ويو جنهن کي بعد ۾ هڪ مضبوط، متحرڪ، هر آزمائش تي پورو لهندڙ، هر قسم جي حالتن ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري ۾ پروان چاڙهيو ويو. هن چيو ته آئون انهن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏيان ٿو ۽ فخريه طور تي چين کي پنهنجو بهترين دوست چوان ٿو. هن چيو ته اها ڳالهه وڏي دل نشين آهي ته چين ۾ آئرن برادر جي اصطلاح رڳو پاڪ??تا?? جي لاءِ مخصوص آهي. پاڪ??تا?? ۽ چين جي لازوال حصيداري ۽ گهري دوستي ٻنه?? ملڪن جي مفاد ۾ آهي، جيڪا اسان جي عوام جي تاريخي چونڊ آهي. هن چيو ته چين جي پنهنجي پهرين دوري ۾ عالمي تعاون جي لاءِ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شرڪت ڪندس. چين سان پاڪ??تا?? جا لاڳاپا اسان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهن. ڀائيچاري جي تاريخي يڪجهتي سان گڏ، اسان جا ٻئ?? ملڪ هر قسم جي حالتن ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل آهن، ٻنه?? ملڪن جي عوام جو هڪ ٻئي جي لاءِ پيار ۽ محبت جو رشتو حقيقت ۾ جبل کان اونچو، سمنڊ کان گهرو ۽ ماکيءَ کان مٺو آهي. هن چيو ته قديم شاهراهه ريشم جي ذريعي هلندڙ واپار ۽ جاگرافيائي ويجهڙائپ ٻنهي عظيم ايشيائي تهذيبن کي هڪ ٻئي جي بلڪل ويجهو کڻي آئي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪ چين لاڳاپن جو هڪ تاريخي ارتقا، علائقائي ۽ عالمي ترقي جي ڏس ۾ ان جي وڌندڙ اهميت بين الرياستي لاڳاپن جو عظيم مثال آهي. مضبوط سياسي حمايت گڏيل اعتماد ۽ عملي تعاون جي بنياد تي 7 ڏهاڪن تي ٻڌل منفرد رشتو مضبوط اسٽريٽ??ڪ حصيداري ۾ پروان چڙهيو آهي. هن چيو ته اسان جو ماضي، حال ۽ مستقبل جو رشتو آهي. ۽ ٻي ڪا به شيءَ ان حقيقت کي بدلائي نه ٿي سگهي. هن چيو ته اسان پاڪ??تا?? جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ اقتصادي سلامتي جي حمايت ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي تي اصولي حمايت تي چين جا ٿورائتا آهيون. اسان ون چائنا پاليسي ۽ تائيوان، هانگ ڪانگ، تبت، سنڪيانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين سميت بنيادي مسئلن تي چين جي حمايت جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪ??تا?? ۽ چين ويجها دوست، اسٽريٽ??ڪ حصيدار ۽ مضبوط ڀائرن جي حيثيت سان گڏيل مستقبل جي منزل طرف وڌي رهيا آهن. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته پاڪ چين دوستي ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندي ۽ ايندڙ سالن ۾ اهو ڀائيچارو، حصيداري ۽ دوستي وڌيڪ بلندين تي ويندي.