اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان گهرو م??املن واري نگران وفاقي وزير س??فراز بگٽي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾امن امان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات واري وزارت اچڻ تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير گهرو م??املن واري نگران وفاقي وزير س??فراز بگٽي جي آجيان ڪئي. ٻنهي نگران وزيرن تازن بم ڌماڪن ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي چي?? ته دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ ڪابه جڳهه نه آهي. ملاقات ۾ چونڊن جي حوالي سان نگران حڪومت جي اليڪشن ڪميشن سان مدد بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. نگران وفاقي وزيرن چي?? ته ملڪ ۾ عا?? چونڊون منعقد ??رائڻ جي آئيني ذميواري ۾ اليڪشن ڪميشن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. ان موقعي تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چي?? ته امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، اسان جو فرض ملڪ ۾ صاف، شفاف ۽ غيرجانبدراڻيون چونڊون ڪرائڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ آهي.