اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??گران وفاقي وزير مرتضي?? سولنگي چيو آهي ته غيرجانبدار ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ نگران حڪومت ??و مينڊيٽ آهي، ليول پليئنگ فيلڊ ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، ڪنهن سي??سي پارٽي سان امتيازي سلوڪ نه ٿيندو، چونڊن جي لاءِ سمورين سي??سي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا ميسر آهن. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري ??گران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هن ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، وسيلا به موجود آهن، سيڪيورٽي به آهي ۽ انتظامي مدد به آهي، اليڪشن ڪميشن جيڪا تاريخ ڏيندي ان تي چونڊون منعقد ڪرائڻ کي يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته نگران حڪومت ??و ڪم اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي عمل ڪرائڻ آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته نجڪاري ??اري ??گران وفاقي وزير فواد حسن فواد تي اعتراض غلط ??هن، جيڪڏهن ان جي وابستگي هجي ها ته هو ٽن چئن مهينن جي لاءِ وزير ڇو بڻجي ها؟. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته بجلي چوري ختم ٿيندي ته گردشي قرضن ۾ گهٽتائي ايندي ۽ عوام کي ريليف به ملندو. هن چيو ته گذريل حڪومت ۾ نجڪاري جا جيڪي منصوبا منظور ٿيا انهن تي ڪم ڪري سگهون ٿا.