اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر فاروق حامد نائيڪ جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني برڪس ۾ مڪمل ميمبرشپ حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حوالي ??ان جامع بريفنگ ڏني. هن ??رڪس جي تاريخ ۽ مقصدن تي روشني وڌي جنهن ۾ تازو ئي سعودي عرب، يو اي اي، ارجنٽائن، مصر ۽ ايٿوپيا جهڙن ملڪن کي ميمبرشپ ڏني وئي آهي. هن چيو ته برڪس جي توسيع ميمبرن جي اتفاق راءِ تي آهي. پاڪستان عالمي مالياتي ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ڊالر تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي پنهنجي هدفن جي ڪري ان گروپ ۾ شامل ٿيڻ جي امڪانن کي فعال ??ور تي ڳولي رهيو آهي. پرڏيهي ??زا??ت برڪس ۾ پاڪستان جي داخلي کي هموار ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين ??ان مشاورت جو عمل شروع ڪيو آهي. اجلاس ۾ سينيٽرن پاران برڪس ۾ پاڪستان جي شموليت جي حوالي ??ان ڀارت پاران امڪاني ويٽو بابت خدشن جو اظهار ڪيو ويو. نگران پرڏيهي وزير يقين ڏياريو ته اهڙي طرح جي ويٽو جو سهارو وٺندڙ ڪو به ميمبر گروپ جي اندر پنهنجي حيثيت کي خطري ۾ وجهي ٿو. هن پاڪستان جي ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو ڪنهن ??لاڪ پاليٽڪس ۾ ملوث نه ٿيندو جنهن ??و مقصد سمورين قومن ??ان مثبت لاڳاپا رکڻ آهي. آمريڪا ??ان پاڪستان جي لاڳاپن باتب سوالن ج?? جواب ڏيندي نگران پرڏيهي وزير روس ۽ يوڪرين جي صورتحال جهڙن تڪرارن جي عالمي اثرن تي روشني وڌي. هن موجوده دنيا جي گڏيل رابطي جي ڏس ۾ سمورين قومن ??ان مثبت لاڳاپا برقرار رکڻ جي پاڪستان جي پاليسي تي زور ڏنو. ڪميٽي جي چيئرمين جي پڇڻ تي نگران پرڏيهي وزير چيو ته برڪس ۾ ميمبرشپ پاڪستان کي هڪ اهم عالمي فورم تي نمائندگي ڏيندي ۽ ميمبر ملڪن ??ان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي آ??ان بڻائيندي. چترال ۾ ٽي ٽي پي جي تازي حملي ۽ ان جي نتيجي ۾ امن امان جي صورتحال بابت پڇيل سوال تي نگران پرڏيهي وزير يقين ڏياريو ته صورتحال ضابطي ۾ آهي، پاڪستان افغان عبوري حڪومت ??ان فعال ??ور تي مصروف عمل آهي، ا??ان جو سفير ان معاملي کي حل ڪرڻ جي لاءِ افغان عملدارن ??ان ملاقات ڪري رهيو آهي. هن ??فغان هم منصبن ??ان مسلسل ڳالهه ٻولهه ذريعي اهڙين حالتن کي ٻيهر ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. مختلف ملڪن ۾ مقررين جي مدي ??ان گڏوگڏ نان ڪيريئر سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرز جي لاءِ مقرري جي پاليسي جو ذڪر ڪندي نگران پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته نان ڪيريئر مقررين جي لاءِ 20 سيڪڙو ڪوٽا آهي جنهن ??ي سختي ??ان عمل ڪيو وڃي ٿو، نان ڪيريئر ڊپلوميٽس جي چونڊ جي حوالي ??ان هن چيو ته حڪومت مخصوص معيار ۽ قاعدن کانسواءِ موزون هجڻ کي ترجيح ڏي ٿي. اجلاس ۾ سينيٽرز مشاهد حسين سيد، زرقا سهروردي تيمور، پلوشه محمد زئي خان، مولانا عبدالغفور حيدري، وليد اقبال ۽ محمد طاهر بزنجو کانسواءِ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ پرڏيهي ??زا??ت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.