اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ پنج هزار رپين جي ڪرنسي نوٽ تي پابندي جي حوالي سان نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان حڪومت اهڙي قسم جي جعلي نوٽيفڪيشن پکيڙيندڙن جي خلاف سخت ??ار??وائي ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير بظاهر فنانس ڊويزن جي انٽرنل فنانس ونگ جي (جعلي) نوٽيفڪيشن جي ڪاپي جو حوالو ڏيندي چيو ته اهو نوٽيفڪيش?? جعلي آهي، اهڙي قسم جي جعلي نوٽيفڪيشن پکيڙيندڙن جي خلاف سخت ??ار??وائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ٽوئيٽر هينڊلر ”فيڪٽ چيڪر“ پڻ ان نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏنو. ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ اطلاعات واري وزارت چيو ته جعلي خبرون پکيڙڻ نه رڳو غيراخلاقي ۽ غيرقانوين آهي پر ا??ا قوم جي توهين به آهي، هر ڪنهن جي ذميواري آهي ته اهو اهڙي قسم جي غيرذميواراڻي رويي کي رد ڪري.