ڪراچي – 11 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ??يپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني نوجوانن کي ملڪ جي بهتر مستقبل جي ضمانت قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جا نوجوان ??ر چئلينج جو مقابلو ۽ هر شعبي ۾ قيادت جي ل??ءِ پرعزم آهن، هاڻي پاڪستان جي ترقي کي ڪير به روڪي نه سگهندو. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان ??وجب بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان کي پورو يقين آهي ته خوشحال، مضبوط ۽ ترقي پسند پاڪستان جي تعمير جي ل??ءِ اسان جو نوجوان ??سل هر شعبي ۽ محاذ تي قيادت ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ??ڪ خوشنصيب ملڪ آهي ته ان جي 63 سيڪڙو کان ??ڌيڪ آبادي 15 کان 33 سالن جي عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي، تنهن ڪري پاڪستان جو سڀ کان ??ڏو سرمايو اسان جا نوجوان آهن. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ??يپلزپارٽي نوجوانن جي صلاحيتن کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي ل??ءِ استعمال ۾ آڻڻ ۽ انهن کي ان حوالي سان ??ڌ کان ??ڌ موقعا فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ ڪو موقعو نه وڃايو. هن چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقارع لي ڀ ٽو پنهنجي وزارت عظميٰ ??ي دور ۾ نوجوانن کي جيتريون نوڪريون ڏنيون، ان کان اڳ ڪڏهن ائين نه ٿيو هو. قائد عوام ته نوجوانن جي هڪ وڏي انگ کي دوست ملڪن ۾ پڻ روزگار ڏياريو هو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو بابت ته هر ماڻهو جي زبان تي هو ته ”بينظير ايندي، روزگار ڏيندي“. هن چيو ته پاڪستاني نوجوانن کي گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ آخري ڀيرو سڀ کان ??ڌيڪ نوڪريون ۽ روزگار جا موقعا اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ عوامي حڪومت ۾ مليا هئا. پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته پاڪستان ??يپلزپارٽي اڄ جي نوجوانن کي درپيش مسئلن ۽ مشڪلاتن کان ??ڪمل طور تي آگاهه آهي، نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگا جي موقعن جي بنا ڪنهن فرق جي فراهمي پاڪستان ??يپلزپارٽي جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته نوجوان ??ايوس نه ٿين، اسان سڀ گڏجي محنت ڪنداسين نوجوانن جي ل??ءِ معياري تعليم ۽ روزگار کي يقيني بڻائينداسين. اسان ڪوڙا واعدا نه ٿا ڪريون، جيڪي واعدا ڪريون ٿا اهي پورو به ڪري ڏيکاريون ٿا. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان گڏيل قومن جي هلندڙ سال جي ٿيم (Skills for Youth: Towards a Sustainable World Green) جي پڻ حمايت ڪئي ۽ زور ڏنو ته پاڪستاني نوجوانن کي ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڇو ته اسان جو ملڪ موسمياتي تبديلين سب?? سڀ کان ??ڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي.