اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ چ??ن جي وچ ۾ ڏکڻ ايشيا بابت ڊائريڪٽر جنرل جي سطح تي مشاورت جو ٽيون دور بيجنگ ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل (ڏکڻ ايشيا) ا??يا?? محمود نظامي پاڪستاني ??فد جي قيادت ڪئي جڏهن ته چيني ??فد جي سربراهي ڊائريڪٽر جنرل (ايشيائي معاملا) پرڏيهي وزارت ليو جنس??نگ ڪئي. ٻنهي ڌرين ڏکڻ ايشيا ۽ وسيع تر خطي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي خيالن جي مٽاسٽا ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ گڏيل افهام تفهيم ۽ گڏيل خيالن جو اظهار ڪيو ويو. بيجنگ جي دوري دوران ڊائريڪٽر جنرل ا??يا?? نظامي معاون پرڏيهي وزير ن??نگ ر??نگ سان پڻ ملاقات ڪئي جتي پاڪ چين لاڳاپن جي مثبت رخ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.