اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي گادي واري شهر بي??نگ ۾ طوفاني برساتن سان قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. پنهنج?? ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران بي??نگ ۾ جاري طوفاني برساتن ۾ قيمتي جاني نقصان تي دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. اسان جون همدرديون ۽ نيڪ خواهشون ڏکويل خ??ندانن سان گڏ آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين گڏيل دوست ۽ حصيدار آهن، جن جون تڪليفون ۽ پريشانيون گڏيل آهن. سڄي پاڪستاني قوم ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي چيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهي. وزيراعظم چيو ته مشڪل ??ي هن گهڙيءَ ۾ بي??نگ جي عوام جي هر ممڪن مدد جي لاءِ تيار آهيون. وزيراعظم ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.