اسلام آبا?? – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ايل اين جي معاهدي سان ملڪ ۾ گئس جي کوٽ کي گهٽ ڪرڻ ۽ عوام ۽ صنعت کي ريليف ڏيڻ ۾ مدد ملندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، اسان جي لاڳاپيل وزارتن اڄ هڪ ايل اين جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن ته ??يئ?? هڪ سال جي مدي لاءِ هر مهيني هڪ ايل اين جي ڪارگو حاصل ڪري سگهجي. هن چيو ته ان معاهدي سان ملڪ ۾ گئس جي کوٽ کي گهٽ ڪرڻ ۽ عوام ۽ صنعت کي ريليف ڏيڻ ۾ مدد ملندي، پاڪستان جي لاءِ سازگار شرطن تي ان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي حمايت تي سندس ٿورائتا ??هيون، ناڻي و??ري وفاقي و??ير اسحاق ڊار، پيٽروليم واري مملڪتي و??ير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ ان جي ٽيم جي محنت کي ساراهيان ٿو، عوامي خدمت جي ان عزم کانسواءِ اهو معاهدو مختصر ترين مدي ۾ ممڪن نه هو.